18 اتوار , نومبر 2018

وزيراعظم عمران خان طرفان وزيرن سميت جي ايڇ ڪيو جو دورو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج جي هيڊ ڪوارٽر جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي جي ايڇ ڪيو آمد تي پاڪ فوج جي سربراهه قمر جاويد باجوه سندس آجيان ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب وزيراعظم عمران خان جي ايڇ ڪيو پهتو ته بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير اسد عمر ۽ سڌ سماءَ توڙي گهرو ممڪلتي وزير به ساڻس گڏ هو. ترجمان موجب دوري دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي بچاءَ، اندروني معاملن، سلامتي ۽ پيشور معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے