15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: شيخ ڀرڪيو:ڪرپٽ حڪمرانن جا خواب مٽي ۾ ملي ويا،:خاوند بخش

Shaikh Bhirkyo: Corrupt people dreams in mud: Khawand Bux*تحريڪ انصاف جي  اڳواڻ خاوند بخش جهيجو چيو آهي تھ  ڪرپٽ حڪمرانن جا خواب مٽي ۾ ملي ويا، ٽيم ۽ عوام تبديلي آڻي ڏيکاري.

شيخ ڀرڪيو   ۾  پي ٽي آءِ  حيدرآباد ڊويزن جو  ڊويزنل صدر خاوند بخش جھيجو ڳوٺ حسين خان ٺوڙهو ، ڳوٺ مير شير محمد ٽالپور ،  چکي ،  ڳوٺ قائم ٻٻر سميت مختلف ڳوٺن ۾ ووٽرن جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ پهچي ويو.

ان موقعي تي خاوند بخش جهيجو چيو تھ پي ٽي آءِ جيڪي مشن کڻي آئي آهي ان تي قائم رهندي، هو  پاڪسان جي عوام کي خوشحالي ڏيندا.

هن چيو تھ ڪرپشن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ان  جي خاتمي لاءِ سڀني ڪرپٽ حڪمرانن جو احتساب صرف پي ٽي آءِ ئي ڪري سگهي ٿي.

ان موقعي تي مير ثناالله ٽالپر،  مير غلام حيدر ٽالپر ، ڊاڪٽر نياز حسين ٽالپر،  رئيس غلام مصطفي ٰ  ۽ ٻيا ساڻس   گڏ هئا…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے