20 منگل , نومبر 2018

نيوز: شهدادپور: گم ٿيل ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان علامتي بک هڙتالي ڪيمپ قائم

Shahdadpur: Hunger strike camp for disappeared people* شهدادپور ۾  پريس ڪلب جي سامھون گم ٿيل ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان علامتي بک هڙتال ڪيمپ لڳائي وئي.

 علامتي بک هڙتال ڪيمپ تي ويٺل رضا سنڌي. امجد سنڌي.ايڊوڪيٽ غلام مصطفي سومرو وزير ڪلهوڙو. الهداد مري. سميت ٻيا بک هڙتال تي ويٺا.

ان موقي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گڏيل قومن جي قانون تحت دنيا جي هر هڪ انسان کي اظهار راءِ  جي آزادي حاصل آهي، انهن جي انساني حقن کي عالمي قانون تحت تحفظ حاصل آهي

 هنن چيو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي بنا ڪنهن سبب جي گم ڪيو پيو وڃي .

هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو ڪيس داخل آهي يا غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي .

 هنن ملڪ جي نئين چونڊيل وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ته سنڌ مان گم ڪيل سياسي ماڻهن کي بازياب ڪرڻ يا عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون وڃن ………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي: بجلي چورن سندن خلاف اتحاد ٺاهيو آھي: حيسڪو

حيسڪو چيف رحيم علي اوٺي چيو آھي ته بجلي چورن سندن خلاف اتحاد ٺاهيو آھي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے