20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ڪڪڙ: گاج ڊيم ڏانهن  ويندڙ روڊ ۾ ڪروڙين روپين جي مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج

Kakar: Protest against destructive road*ڪڪڙ  ۾  ساڍا چار ڪروڙ جي ماليت سان اڏجندڙ گاج ڊيم ڏانهن  ويندڙ روڊ ۾ ڪروڙين روپين جي مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو .

ڪروڙين  روپين جي ماليت سان تعمير ٿيندڙ روڊ ۾ناقص مٽريل استعمال ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن  نظير احمد ڀرڳڙي، ذوالفقار احمد ڀرڳڙي، منظور پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي اڳواڻن چيو روڊ ۾ ناقص مٽريل استعمال ڪرڻ سبب ھاڻي ھڪ مھينو اڳ تعمير ٿيل روڊ ھنڌان ھنڌان اکڙي ويو آھي ۽ روڊ جون پلون به ڊھي پيون آھن

 هنن الزام هنيو ته ٺيڪيدار ۽ عملدارن ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين رپيا ڳڙڪائي ڇڏيا جنهن ڪري روڊ جو ڪم بهتر نموني سان نه ٿي سگهيو.

 هنن نيب کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري ڪرپيشن ۾ ملوث عملدارن ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ امداد بابت معاهدو

پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ امداد بابت معاهدو طئي ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے