21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: نوابشاهه: پاڪ اوسس الٽرا فلٽريشن پلانٽس جي ملازمن جو  پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

Nawabshah: Protest against not gettinf salaries*نوابشاهه ۾  پاڪ اوسس الٽرا فلٽريشن پلانٽس نوابشاهه جي ملازمن پاران گذريل پنجن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو .

ملازمن  انجنيئر قاسم زرداري، ميان سجاد احمد، شعيب قريشي، زبير احمد پنهور، معشوق علي مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي ملازمن چيو ته هو  پاڪ اوسس فلٽريشن پلانٽس جا ملازم 2010 کان ملازم آهن .

 هنن چيو ته گذريل پنج مهينن کان سندن پگهارون بند آهن جنهن ڪري سندن گهرن ۾ فاقه ڪشي آهي .

 هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين ترت گذريل پنج مهينن جون پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے