17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: گاجي کهاوڙ: تحريڪ فقه جعفريه طرفان جشن عيد غدير جي خوشي ۾ شاندار ريلي

Gaji Khuawar: Rally for Eid Gadeer by Tehreek Faqah Jafriya*گاجي کهاوڙ  ۾ تحريڪ فقه جعفريه طرفان جشن عيد غدير جي خوشي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي،  ريلي تي گلن  ۽ نوٽن  جي ورکا ڪري دهل شرنائين تي مومنن  جهمريون هنيون.

ريلي منصف علي کهاوڙ، غلام شبير کهاوڙ، محمد حسن، بادشاھ جان اختر کهاوڙ، عبدالرسول چني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي .

ڳوٺ خان محمد کهاوڙ جي مرڪزي امام بارگاھ کان نڪتل ريلي شھر جي مک چوڪ الحسيني  سميت مختلف چوڪن، چوراهن ۽ مين بازار کان ٿيندي بس اسٽاپ ڀٽائي پريس ڪلب اڳيان پهتي .

 دهل شرنائين تي مومن خوشي ۾ جهمريون هنيون جتي ريلي مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ ڀٽائي پريس ڪلب اڳيان ريلي پڄاڻي تي پهتي ………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے