13 منگل , نومبر 2018

نيوز: نئون ديرو: قتل ڪيل نوجوان جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل نوجوانن جي وارثن  جو احتجاج

Naudero: Protest by heirs of murdered son against Murderer*نئين ديري جي علائقي  پير جي ڳوٺ ۾ پنج ڏينھن اڳ گھر اندر قتل ڪيل نوجوان جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل نوجوانن جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو .

 نوجوان جي قتل ۾ مبنيا طور  ملوث نوجوانن قدير سومرو، اسرار چنو، نجيب الله شيخ جي وارثن پاران قدرت الله سومرو، اختيار شيخ، اياز چنو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان  احتجاج ڪيو ويو .

 ان موقعي تي قدرت  الله سومرو ،آصف سومرو  ۽ ٻين چيو ته قدير واقعي واري رات پنھنجي گھر ۾ ستل ھو پوليس بي گناھ  ڪيس داخل ڪيو آھي.

اختيار شيخ ۽ اياز چنو جو چوڻ آھي ته پوليس معاملي مان جان ڇڏائڻ لاءِ هنن جي ڇوڪرن تي تشدد ڪري انهن کان زوري قتل جي قبولداري ڪرائي آھي.

 هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري اصل قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے