14 بدھ , نومبر 2018

وزيراعظم ۽ پومپيو جي ڳالهه ٻولهه بابت تڪرار هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي: پرڏيهي ترجمان

Indian media closure poison against election: Dr. Faisalاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۾ تڪرار جو خاتمو ڪري هاڻي سياسي طور اڳتي وڌڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري هاڻي معاملي تي وڌيڪ ڪي ڳالهيون نه ٿينديون. پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته  اسان وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير  سان ڳالهيون ڪري تڪرار حل ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان سياسي طور اڳتي وڌڻ چاهي ٿو، پرڏيهي وزير ان معاملي تي ڳالهائي چڪو آهي تنهن ڪري وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ۾ رابطي بابت وڌيڪ ڳالهيون نه ڪيون وينديون.  هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي، هڪ هفتي دوران ڀارتي فوج 10 بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو، ڀارتي فوج طرفان ڇرن واري بندوق استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا.  ڊاڪٽر فيصل حريت اڳواڻن جي غير قانوني نظر بندي جي مذمت ڪندي چيو ته حريت اڳواڻن جي خراب ٿيندڙ صحت تي به ڳڻتي آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي.  هن چيو ته ايل او سي تي چڙ ڏياريندڙ ڪاررواين تان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان توهين جوڳن خاڪن جي معاملي جو سخت نوٽيس ورتو آهي، توهين جوڳن خاڪن جي معاملي تي او آءِ سي کي خط لکيو آهي ۽ پاڪستان ۾ هالينڊ جي سفارتخاني جي انچارج کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي جڏهن ته ڊچ سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ يا ڪا ٻي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيو آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته چاهه بهار ۽ گوادر اعزازي بندر گاهه آهن، اسان کي چاهه بهار ۾ ڀارت جي موجودگيءَ سان ڪو فرق نه ٿو پوي، اسان کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، اتي سيڙپڪارن جي موقعن جو جائزو وٺي رهيا آهيون.  هن چيو ته چين پاڪستان جو مضبوط ڀاءُ آهي،  سي پيڪ چين جو فليگ شپ منصوبو آهي، جڏهن ته پاڪ ڀارت واپار وڏو مسئلو آهي،  واپاري راهداري يا پوائنٽ ان معاملي جو ننڍو حصو آهي، پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ وسيع خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪرتار پورا ان سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته عافيه صديقي جي معاملي تي ڪا نئين ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے