17 ہفتہ , نومبر 2018

تعليم جو چنگ ۽ سيد سردار علي شاهـ

سدا حيات  جلباڻي

اڻويهه آگسٽ تي پيپلز پارٽي جي چيئر مين بلاول ڀٽي اٺن وزيرن ۽ ٻن صلاحڪارن تي ٻڌل سنڌ ڪابينا جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا جي نمايان ڳالهـ سيد سردار علي شاهـ جو پورٽ فوليو آهي. پارٽي چيئرمين شاهـ صاحب پاران پ پ جي گذريل دورِ حڪومت ۾ سچائي ۽ اورچائي سان سنڌ جي ثقافت کي ڪاميابيءَ سان اجاگر ڪرڻ جي ڪري مٿس اعتماد ڪندي تعليم جو اهم شعبو بـ سندس حوالي ڪيو آهي. سيد سردار علي شاهـ  جون سنڌ اسيمبليءَ ۾ وطن جي ويرين کي للڪار واريون زوردار تقريرون عوام کان ڪڏهن وسرڻيون نـ آهن. پاڻ وسيع مطالعي وارو اجائي ٺٺ ٺانگر کان پري رهندڙ هڪ سٻاجھڙو شخص آهي. انهن ذاتي خوبين جي ڪري هو ادب ۽ علم دوست طبقي ۾ ڪافي مقبول آهي. اها ڳالهـ بطور وزيرِ تعليم سندس ڪاميابيءَ جي وڏي ضمانت آهي. شاهـ صاحب کي تعليم واري وزارت ملڻ تي ڏاها چون ٿا: ”تّنهجو آڌر ڀاءُ ڪجان، ورکا ٿيندي آ ورلي“.سنڌ جا شاگرد بـ پڪارين ٿا: ”آءُ اسان جون اکڙيون اگھه.“ ۽  وطن جا ماڻهو آسروند آهن: ”آنءُ ڏسان ٿو اڀ ۾ نهريون نهريون نور“.

تعليم  سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جي ڏينهن کان رياست جو اهم ٿنڀو رهندي آئي آهي. تعليم بنا ترقيءَ جي ناممڪن آهي.  سنڌ جي رهبر شاهـ عبداللطيف ڀٽائيءَ تعليم جي جامعيت کي هيئن اجاگر ڪيو آهي: “سا سٽ ساريائون الف جنهن جي اڳ ۾.” لطيف سرڪار جي هن سٽ ۾ انتهائي اونهي ۽ ڳوڙهي معنئ سمايل آهي. هيءَ سٽ هاڻوڪي وقت جي مذهبي انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ دهشتگردي جو حل ٻڌائي ٿي.

ملڪي آئين ۾ پنجن سالن کان سورهن سالن تائين عمر وارن ٻارن لاءِ تعليم بنيادي حق قرار ڏنل آهي. آئين جي شق پنجويهـ ـ اي مطابق پنجن سالن کان سورنهن سالن تائين جي عمر وارن ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. گڏيل قومن جي مقرر ڪيل حد جي حساب سان جي ڊي پي جو چار سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪرڻو آهي. مختلف ادارن پاران ٿيل سروي مطابق هن وقت ملڪ ۾ اسڪول وڃڻ واري عمر جا اٽڪل اڍائي ڪروڙ ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن.

اڻويهـ سو اٺيتاليهن واري عالمگير انساني حقن جي پڌرنامي موجب بـ تعليم ٻارڙي جو بنيادي حق آهي. سن ٻـ هزار ۾ سينيگال جي شهر ڊاڪار ۾ عالمي تعليمي فورم تحت هڪ سوءُ چوهٺ ملڪن جا يارنهن سون کان وڌيڪ نمائندا، جن ۾ ملڪن جا وزير اعظم، استاد، تعليمي ماهر، پاليسي جوڙيندڙ، سياسي ڪارڪن ۽ بين الاقوامي ادارن جا سربراهـ شامل هئا، ڪٺا ٿيا. جنهن ۾ اها ڳالهـ چٽي ڪئي وئي تـ  تعليم عام ڪرڻ جو دارومدار رقمون خرچ ڪرڻ تي نـ آهي. در اصل هي سياسي عزم جو سوال آهي.

ياد رکڻ کپي تـ جيئن ٻج جي هر داڻي ۾ وڏو وڻ بڻجڻ جو امڪان موجود هوندو آهي، تيئن هر ٻار ۾ هڪ سٺو آفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، وڪيل، سفارتڪار، اديب، شاعر، موسيقار، مصور، ڪامياب ڪاروباري شخصيت ۽ انسان دوست ماڻهو ٿيڻ جي صلاحيت موجود هجي ٿي.

وطن جي هاڻوڪين حالتن جو حال وزيرِ تعليم کان ڳجھو نـ آهي. هُن اڳ ئي سنڌ جو شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ گھمي ڦري ڏٺو آهي. کيس معلوم آهي تـ  تعليم جو شعبو تباهـ آهي. هزارين اسڪول بند آهن. اسڪولي عمارتن جا چاپڙ شاگردن مٿان ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي اسڪولن کي مال جا واڙا، اناج جا گدام يا اوطاقون بڻايو ويوآهي. شاهـ صاحب کي هر ضلعي ۾  تعليم جا عملدار ساڻ ڪري اسڪولن جا دورا ڪرڻ گھرجن. اسڪولن ۾ جن شين جي ڪمي نظر اچي اهي فورن مهيا ڪيون وڃن. خاص ڪري هي اهم شيون تمام ضروري آهن: مڪمل چار ديواري، راندين جو ميدان، سائنس، ڪمپيوٽر ۽ انگلش لينگوئيج ليبارٽريون، لائبرري، صاف پاڻي، شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسلامڪ شاور لڳل الڳ الڳ واش روم ۽ اوسي پاسي وڻراهـ وغيرهـ. .

پرائيويٽ اسڪول بـ گھمڻ گھرجن. اتان جي تعليمي نظام  ۽ سرڪاري اسڪولن جي تعليمي حالت جو جائزو وٺي پڙهائيءَ جي طريقن جي ڀيٽ ڪري استادن لاءِ گھربل ايجوڪيشن ڪِٽس جي فراهمي جا احڪامات جاري ڪرڻ گھرجن.

واضح رهي تـ تعليمي ادارن جي حقيقي ۽ اصلي سڃاڻپ، انهن جي عمارتن کان وڌيڪ، اداري جا استاد هجن ٿا. تنهنڪري وزيرِ تعليم کي بي رحم احتساب ڪري اسڪولن ۾  بظاهر موجود سنڌ جي تعليم تي بدنما چُٽو بڻيل عادي گسائيندڙن ۽ شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ وارن کي قانوني ڪارروائي ڪري هڪدم  نيڪالي ڏيڻ گھرجي.

نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جو طريقو اهڙو رکڻ گھرجي، جو صرف فرض شناس ۽ تخليقي دماغ وارا نوجوان اڳتي اچي سگھن. کين ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر پروفيشنل تربيت ڏيارڻ بعد باقائدا سخت نگرانيءَ جي نظام تحت اسڪولن ۾ مقرر ڪيو وڃي. تدريس جي جديد تقاضائن موجب ڪلاس رومس ۾ استادن لاءِ ڪا ڪرسي نـ هجڻ گھرجي. ڪلاس سيڪشنس ۾ استادن جو تناسب هڪ ڏهائي پنج رکڻو آهي. هڪ ڪلاس روم ۾ ٽيهن ـ پنجٽيهن شاگردن کان وڌيڪ ٻار نـ ويهارڻ کپن. سائنس، ميٿاميٽڪس، انگريزي ۽ امڙ جي ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪرڻ تي پورو زور ڏيڻ گھرجي. علمي ماحول ايڏو دلچسپ بڻايو وڃي جو شاگرد اسڪول کان گسائڻ لاءِ سوچي بـ نـ سگھن. عالمي سطح تي شرڪت جي تياري ڪرڻ لاءِ ضلعن ۾ ميٿاميٽڪس اولمپياڊ ۽ سائنس اولمپياڊ باقائدگيءَ سان منعقد ڪرايون وڃن. اسڪولن ۾ هر شعبي جون ڪلبون هئڻ گھرجن. جيڪي استادن جي رهنمائيءَ ۾ شاگرد پاڻ هلائين. پڙهائيءَ سان گڏ و گڏ اسڪولن ۾ راندين تي بـ ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. هر سال هوشيار  شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي مشهور پرڏيهي تعليمي ادارن جا دورا ڪرايا وڃن تـ جيئن سندن  شخصيتن ۾ نکار اچي ۽ هنن ۾ اهو احساس پختو ٿئي تـ اڳتي وڌڻ لاءِ صرف پنهنجي علمي قابليت ۽ محنت تي ئي ڀروسو ڪرڻو آهي. هن سلسلي ۾ سٺا نتيجا ڏيکارڻ تي، گڏيل قومن جو ادارو يونيسيف ٽيڪنيڪي ۽ مالي تعاون ڪري سگھي ٿو.

تعليم جي وزير کي ڄاڻ هوندي تـ  شهرن ۾  تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٿوريون گھڻيون سهولتون ميسر آهن. پر ڳوٺڙن ۾ تـ بنهـ ڪال آهي. ننڍڙن ڳوٺن جا ٻارڙا خاص ڪري نياڻيون تـ ڪنهن ڪلاس روم جي صورت ڏسڻ لاءِ صدين کان سڪنديون رهيون آهن. وزير صاحب  جي انتظام هيٺ ايندڙ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اسڪول کان ٻاهر رهجي ويل ٻارڙن کي ٻيهر داخل ڪرڻ لاءِ وس آهر ڪوششون ڪري رهيو آهي. لازمي آهي تـ لڪير جو فقير بڻجڻ بجاءِ نظر جي وسعت سان جاچي ميرٽ جي روح مطابق مڊل ۽ هاءِ اسڪول جا پروپوزل منظور ڪرڻ گھرجن.

ان شاء الله، جڏهن اسان جون سموريون سياڻيون نياڻيون ۽ سدورا پٽڙا هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم جا هٿيار کڻي سک، آسودگيءَ، ارزانيءَ، امن ۽ اهنسا لاءِ جاکوڙيندا تـ نيٺ ديس ۾ سدا بهار سوجھرا ٿي ويندا. ائين، لطيف سرڪار جو سونهاري صبوح ۽ سونهري سڪاروارو خواب ساڀيان ٿي پوندو. وزارتِ تعليم کي هڪ چنگ سمجھندي سيد سردار علي شاهـ صاحب کي شيخ اياز جو هي شعر هر وقت ياد رکڻ گھرجي:

اهو چنگ چارڻ، امانت اٿيئي،

متان سر سوا، ڪرين ڪي صدائون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ھندو برادريءَ جي ملڪيتن تي قبضا ۽ سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس.!! 

خادم رند پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے