21 بدھ , نومبر 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد  شاهه

ڪامريڊ سليم ايم ڪيو ايم ڇڏڻ کان پوءِ عمران خان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي هن وقت وڏي ليڊر وانگر سنگت کي سياست سمجهائيندي، دڙڪا ڏيندي چيو ته “چريا… مون جنهن وقت ايم ڪيو ايم ڇڏي پئي، تنهن وقت ئي مونکي احساس هو ته جن ايم ڪيو ايم تي هيڏي وڏي سيڙپ ڪري ان جي ليڊر کي جلاوطن ڪري، پارٽيءَ کي ٽڪرن ۾ ورهائي، جيڪو نتيجو تحريڪ انصاف جي حق ۾ ڪراچيءَ مان ڏنو، ان جو رستو هڪڙو ڏسڻ ۾ آيو، ۽ توهان ڏٺو ته باقي بچيل ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي ڪيئن مرڪزي حڪومت ۾ آڻي، پاور ۾ حصيداري ڏني ويئي آهي، ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ توهان ڏسجو ته اهي پاڻ وارا پراڻا پيپلا ڪو ٻوٽو نه ٻاريندا، بلڪه وري به اهي ئي سنڌ جي حقن ۽ مسئلن لاءِ پ پ حڪومت کي سوڙهو ڪندا، ۽ ايم ڪيو ايم پاور ۾ رهي وري پنهنجا ٽڪرا گڏ ڪري، وري ايندڙ اليڪشن تائين وڏي شهري قوت بنجي اڀرندي، جيڪڏهن خدا نه خواسته اسان سنڌين جو بچيل اڪيلو واحد وڏو ليڊر آصف زرداري ۽ ادي فريال هليا ويا نواز شريف ۽ مريم وانگر جيل ۾، ته پوءِ پاڻ وٽ طاقت ۽ قوت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي مطالبن ۽ احتجاجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي وڏي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ۽ سنڌ ۾ جيڪي وزير وري ساڳيا کاتا کڻي آيا آهن، يا ايندا، اهي اڳي ئي عوام جي اک ۾ آهن، ميڊيا وٽ به انهن جا دستاويزي ثبوت موجود آهن، سوشل ميڊيا تي به ڪئين ڪلپ پيا آهن، اهو لنڊن وارو ڪلپ سائين مراد علي شاهه ۽ شرجيل وارو يا نثار کهڙي سان ڪارڪنن جي لڙائي يا سائين سردار شاهه کي تڏي تي گهرائي آڏي پڇا ۽ طنزون ڪري ڀڄڻ تي مجبور ڪرڻ، نويد قمر کي به پنهنجي تڏي تي اليڪشن ورڪ دوران تنگ ڪرڻ، مخدوم جميل الزمان کي سندس تڏي تي اچي ميارون ڏيڻ، ۽ بلاول سان لياريءَ وارن جو ورتاءُ، سڀ ڪجهه سڄي سنڌ واسين ڏسڻ کان پوءِ به جيڪا موٽ پ پ کي ڏني، سا جيڪڏهن ادارن جي عنايت آهي، ته بالڪل ائين ئي جيئن عمران خان ادارن جي چونڊ هئڻ ڪري سڀ قوتون تحريڪ انصاف جي نالي ۾ صرف عمران خان جي وجود مان ملڪي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ، سندس بين الاقوامي شخصيت کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ جيڪا رسڪ کڻي، جيڪي الزام سَهي عمران خان کي اڳيان آندو آهي، ته اهو اسٽيبلشمنٽ جو اهو ڪارنامو آهي، جنهن سان اسٽيبلشمنٽ اسان کي آمريڪي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ جو وڏو قدم کنيو آهي.

جهوني جوڳيءَ چيو ته هن وقت عمران خان جي روپ ۾ پاڪستان کي جيڪا قيادت ڏني ويئي آهي، ان جي ذريعي 70 سالن جون غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي، پنهنجي خودمختياري جي بنياد تي پنهنجا پير کوڙڻ لاءِ عمران خان هڪ وڏي طاقت آهي، جنهن جي ذريعي ويجهڙائي ۾ جڏهن دنيا مان ماڻهو هڪڙا ته جن پاڪستان کان لڏي وڃي، پرڏيهه ۾ ويهي ڪروڙين ڊالر جن ڪمايا آهن، انهن جو وڏو تعداد عمران خان جي تعاون ڪرڻ واري سڏ تي لبيڪ چئي، پاڪستان پنهنجو پيسو کڻي اچڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، ۽ ٻئي طرف زرداري صاحب يا ن ليگ جا جيڪي ڏوڪڙ بينڪن ۾، ڌارين جي ملڪن ۾، ڌارين کي فائدو ڏيئي رهيا آهن، جڏهن ته معاشي ڏيوالي جي موڙ تي پهتل پاڻ پاڪستاني ڏسي رهيا آهيون، ته آمريڪا اسان کي جيڪا قسط وياج تي ڏيڻ وارو آهي، تنهن لاءِ آءِ ايم ايف جا شرط ۽ آمريڪا جا پنهنجا شرط ۽ فوج کي محدود بجيٽ ڏيڻ جو شرط وجهڻ، اهي اهڙا حربا آهن، جنهن سان هو اسانجي معيشيت کي تباهه ڪري هاڻ ادارن جي ذريعي اسان جي ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪري، سياستدانن جي ذريعي افواج پاڪستان ۽ اسٽيبلشمنٽ جي خلاف جيڪو ماحول جوڙيو آهي، ان ۾ ماڻهن کي اهائي سمجهه ٿي اچي ته شايد ان سموري کيڏ پٺيان انهن ادارن جي سازش آهي، حالانڪه اهو انهن جو ڪم آهي، ته ملڪ کي صاف سٿري قيادت مهيا ڪري ڏين ۽ ان کي دڳ لڳائڻ لاءِ معاونت ڪن، ۽ امن و امان جي صورتحال کي منهن ڏين، ٻوڏ، سيلاب ۽ هنگامن تي ڪنٽرول ڪن، جيئن جمهوري حڪومت پنهنجو وقت پورو ڪري، ۽ منشور جنهن جا واعدا هنن اليڪشن ۾ ڪيا، اهي پورا ڪري، نواز شريف به هڪ ڏينهن جڏهن ضياءُ الحق جي ڇانوَ ۾ سياست ۾ جنم ورتو، تڏهن هو به عمران خان وانگر اڪيلو ئي هو، پر دنيا ڏٺو ته ڪيڏو تيزيءَ سان هو ميمبر، وزير ۽ وزيراعليٰ ٿي ويو ۽ پوءِ مسلم ليگ جو مرڪزي باني ٿي، ان کي ٽڪرا ڪري، ن ليگ جي نالي سان ليڊر نروار ٿي ويو، پاڻ کي هاڻ هو بي ڏوهي قيدي سمجهي قيد ڪاٽي رهيو آهي، جڏهن کان کين وفاق جو پاور ٽي دفعا مليو ۽ ن ليگ پيپلز پارٽيءَ کي هر طرح سان ڌڪي، نقصان پهچائي، ڪيسن ۾ اهڙو قابو ڪري ڇڏيو جو اهو ايف آءِ اي وارو ڪيس جيڪو صدارتي نامينيشن ڀرڻ واري عمل دوران وڏي سهڻي ٽائيمنگ سان رکيو ويو، جنهن ۾ پهرئين ميڊيا تي هلايو ويو ته زرداري صاحب ۽ ادي فريال ايف آءِ اي جي سامهون پيش نه پوندا، ۽ ميڊيا زرداري صاحب کي بيمار ڄاڻائي ۽ پارٽي وارن لاءِ اهو ٽينشن پيدا ڪيو ته ڄڻ هو هن هفتي ئي جيل هليو ويندو.

سوشل ميڊيا تي حقيقت ۽ ٽي وي جي نالي اها پيشن گوئي ڪئي ويئي ته نواز شريف جي سازش سان زرداري صاحب صدر پاڪستان ٿي ويندو، ۽ ان لاءِ هو مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان کان پوءِ دنيا ڏٺو ته اعتزاز جو بيهارڻ، ۽ ان کان پوءِ ن ليگ جو جواب ڏيڻ، ۽ فضل الرحمان زرداريءَ جو وڪيل ٿي، ن ليگ کي سمجهائڻ ويو، جن اهڙي پٽي پڙهائيس جو پاڻ سنگت ٽوڙي، فارم ڀري، بيهي رهيو آهي، جيتوڻيڪ وڏي اليڪشن وانگر ان ۾ به کيس وڏي هار نصيب ٿيندي، ڇو ته زرداري صاحب جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي صدارتي حمايت نه ڪئي، ۽ اعتزاز احسن کي ئي استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪري به تحريڪ انصاف جي اڻ سڌي طرح مدد ڪري رهيو آهي، ۽ اهو ئي انهن ٻنهي جي حق ۾ بهتر به آهي، باقي زرداري صاحب جو صدر ڪرائڻ وارو پلان زرداري صاحب پاڻ ئي فيل ڪري، پاڻ کي ادارن جي همدرديءَ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جن ايف آئي اي واري ڪيس مان ته هٿ ڪڍارائي ڇڏيس، باقي ڏسجي ته چونڊ کان پوءِ جيڪي افواهه هلايا ويا آهن، ۽ انور مجيد جي ذريعي جيڪو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، ان ۾ اضافو ٿو ٿئي يا ٺاپر ٿي ٿئي…؟؟؟”

مواليءَ ٽهڪ ڏيندي چيو ته “ادا… جيڪي جيڪو پوکيندا سو ئي لڻندا، ڪڻڪ پوکي ٻاجهر لڻن وارن جا خواب، خواب ئي رهجي ويا، زرداري صاحب کي سنڌ جي حڪومت وڏي شان مان سان ملي ويئي، ۽ سندس صلاحيتن مان جيڪڏهن وفاق کي ۽ ادارن کي فائدو پهچي رهيو آهي، ته پوءِ ٻنهي جا اختلاف ختم ۽ زرداري صاحب جمهوري ادارن جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، ان ڪري تحريڪ انصاف کي به جمهوريت قائم رکڻ جي نيت سان اندريان ٻاهريان مدد ڪري رهيو آهي، ۽ ڪندو رهندو، ڇو ته اهو وري به ملڪ جي بقا ۽ سادگي واري نظام جو حمايتي آهي جنهن ۾ سماج جي برابري واري نظام سوشل ازم جي بوءِ به شامل آهي، جڏهن ته هو صنعت ڪاريءَ ۾ ن ليگ سان به زرداري صاحب ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي ميثاق جمهوريت به نڀايو، ۽ گذريل ٻن دورن ۾ ٻنهي ڀائرن جون گاريون به کاڌيون، ۽ پوءِ به هن وقت

تڏهن مون چيو ته “ادا… اڃان ته هفتو حڪومت کي مس ٿيو آهي، ته جن ۾ اڃان عمران خان پنهنجي اسٽاف کي ته فائنل ڪري، صوبن ۾ گورنر، وزيراعليٰ، صوبائي وزير، مرڪز ۾ هيترا وزير اهي سڀ اهي چونڊڻا اٿس، جيڪي سندس سادگيءَ واري منشور کي ڪامياب ڪرائيندا، بنگلا ڇڏيندا، وڏيون گاڏيون ڇڏيندا، ننڍا گهر ۽ ننڍيون آفيسون وٺندا، آفيسن ۾ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندا، گهمڻ ڦرڻ جا خرچ پاڻ ڀريندا، وغيره وغيره. هاڻ جڏهن مشينري مڪمل ٿيندي ته پوءِ ان کي اسٽارٽ ڪري روان ڪرڻ ۾ به عمران خان کي ڇهه مهينا لڳي ويندا، ادارن جي سربراهن سان تعارفي مرحلا ۽ ادارن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ته کيس سال کن لڳي ويندو، ان ڪري جيڪو انسان پنهنجي سامهون آرسيءَ مثل هجي، تنهن ۾ هڪ دفعو اميد رکي ساٿ ڏجي ۽ پوءِ سندس ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ۽ تعريف ڪجي.

هينئر هو اهو وزيراعظم آهي جنهن جي پنهنجي اٿڻي ويهڻي ۽ دوستن تي ڪو ڪنٽرول نه آهي، آزاد دنيا جا سڀ الڙ پکي هن کڻي پنهنجو محل مچايو آهي، ادارن جو اهو اعتماد ته هو ملڪ ۾ ڏوڪڙ به واپس آڻي ويندو، جيڪي ن ليگ ۽ پ پ سربراهن ۽ سندن دوستن ڏانهن اربين ڊالر بينڪن ۾ پيل آهن. هن انهن ملڪن کي به اپيل ڪئي آهي ۽ اندران هنن تي هر طرح جو پريشر به وڌو ويو آهي، ته ڪيئن به ڪري پنهنجا ڏوڪڙ پنهنجين بينڪن ۾ اچي رکو.

هن وقت ته ساڳيو سائين مراد علي شاهه، ساڳيون عضوئي واريون اوجهريون، شهر ڀريو پيو آهي، پاڻي کٽو پيو آهي، اسڪول بند پيا آهن، وفاق ۾ يا ٻين صوبن ۾ جيڪا ترقي ايندي ۽ ان تي حڪومت ۽ اپوزيشن جا جهيڙا ٿيندا رهندا، پر اسان جي سنڌ ۾ ته ساڳيا سور، ساڳيون بيماريون ۽ ساڳيا ئي ڊاڪٽر موجود آهن، جتي سڀ ڪجهه نقلي هلي رهيو آهي، ڊاڪٽري ڊگريون به نقلي، دوائون نقلي، رپورٽون نقلي، هر طرح سان سنڌ جي هر اداري کي چيري ڦاڙي چوڏنهن ٽڪر ڪيو ويو آهي، پر اسان کي حڪم آهي ته توهان جي سنڌي هئڻ جي اها سزا وري به توهان کي پنج سال ملندي رهندي، جن ميمبرن کي وزراتون ملنديون، تن جا ته فوٽو ڏسڻ ۾ ايندا، ان کي هلي مبارڪون به ڏيڻيون پونديون، سو رپئي وارو گلن جو هار به پارائڻو پوندو، پر باقي سڄي سنڌ جا چونڊيل ميمبر جيڪي هينئر ئي کان پنهنجي عوام کان پري ٿيندا پيا وڃن، تن کي ڳولهي، هٿ ڪري حلقي ۾ آڻجي ۽ کيس پنهنجن ڪيلن واعدن ۽ علائقي جي مسئلن جي يادگيري ڏيارجي ۽ کائنس تيزي سان ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن، باقي زرداري صاحب پاڻ وڏن ڪيسن ۽ وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ لڳي ويندو. سنڌ کي اڳ به ادي فريال هلائي رهي هئي، پر هن وقت جيڪڏهن بلاول به اهو چيو آهي ته ڇهه مهينا آئون توهان جي ڪارڪردگي کي ڏسندس، ورنه تبديلي تيز ڪري ڇڏيندس. واقعي جيڪڏهن ائين ڪيائين ۽ هر وزير تي چيڪ بيلنس رکيائين ته پوءِ ممڪن آهي ته ڪنهن حد تي سنڌ کي باصلاحيت قيادت ملي وڃي، ۽ ادارن جيڪڏهن هن کي تحفظ ڏيئي، ڪرپشن کان بچائي، پاڪستانيت جي جذبي سان سرشار ڪري، اڳيان آندو ته هن وقت بلاول جي صلاحيت کي ڏيساوري دنيا ۾ به مڃيو وڃي پيو، خاص ڪري سندس اسيمبلي واري تقرير سندس پوئلڳن پرستارن جو تعداد گهڻو وڌائي ڇڏيو آهي، هاڻ جيڪڏهن سندس حلقي ۾ اهي ئي دوست هوندا، جن گذريل دور ۾ سندس صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ بدران کيس ڪمزور ڪيو، پر هاڻ جيڪي سندس ويجهو آهن انهن ۾ اهي ئي ادارن جا تيار ڪيل ماهر به موجود آهن، جن جي ذمي اهوئي ڪم آهي ته بلاول کي ملڪ جو ليڊر ۽ وزير اعظم بنائڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي، ايندڙ دور جو چونڊيل وزيراعظم بلاول تڏهن ٿيندو جڏهن عمران خان وانگر کيس گهاڙيٽي ۾ گهڙيو ويندو، ۽ جيڪڏهن کيس عوامي ليڊر به  واقعي ٿيڻو آهي ته پوءِ کيس ڀٽي صاحب جي ۽ بينظير صاحبه جي ڪردار ۽ گفتار کي مڪمل پڙهڻو پوندو ۽ اهو نظريو جنهن ۾ غريب عوام ئي اصل ۾ طاقت جو سرچشمو آهي، قبول ڪرڻو پوندو ۽ ڀٽي صاحب وانگر جهوپڙا هوٽل ۾ وڃي غريبن سان چانهه به پيڻي پوندي، تڏهن ته سنڌي عوام جيئي ڀٽو، جيئي بينظير جي وائي وڌائيندي پئي هلي، ۽ سندن اهو عشق ۽ يقين بلاول کي زرداري بنائڻ بدران ڀٽو بنائي سگهي ٿو.“

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے