20 منگل , نومبر 2018

سنڌ ۾ تعليمي سڌارن جي گهرج

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

سنڌ جا بنيادي مسئلا جيڪي اسان جي جيئڻ مرڻ جا مسئلا آهن. جن تي اسان جي مستقبل جو دارومدار آهي. انهن ۾ هڪ تعليم آهي، گذريل ڪيترن ڏينهن کان تعليم جي مسئلن تي اخبارن ۾ فيچر ، ڪالم شايع ٿيندا رهيا آهن، ڪيترا ورڪ شاپ، مذاڪرا، ڪانفرنسون ٿينديون رهيون آهن. تنهن ڪري گهڻو ڪري اسان کي خبر آهي ته اهم مسئلا ڪهڙا آهن، تنهن هوندي به سادن مسئلن کي ايترو منجهايو ويو آهي. ايترو ڪنفيوز ڪيو  ويو آهي. جو لڳي ٿو ته تعليم جو مسئلو ڪو هماليه جبل جي چوٽي سر ڪرڻ آهي. تازو حڪومت سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير جناب سردار علي شاهه ٿيو آهي. جنهن گذريل ڏينهن ۾ اهو اعلان ڪيو ته هو تعليم جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهي پر کيس عوام جو ساٿ کپي. ڇو ته اڪيلي سر اهڙا مسئلا حل ٿي نٿا سگهن.

ساڳي وقت گذريل ڏينهن ۾ عمران خان وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ اعلان ڪيو ته گورنر هائوس خالي ڪري اتي يونيورسٽيون کوليون وينديون.  اصل ۾ انهيءَ اعلان سان ڪنهن کي به خوشي نه ٿي ڇو ته پاڪستان ۾ خود عمران خان اعلان ڪيو ته ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول نٿا وڃن. ساڳي وقت پرويز هود ٻائي بار بار اهو اعلان ڪيو ته پي ايڇ ڊيز جون ڊگريون ڏيڻ بند ڪريو. ڇو ته پاڪستان جو تعليمي معيار مڪمل تباهه حال آهي.  جتي پرائمري تعليم ڪونهي اتي اعليٰ تعليم ڪهڙي هوندي؟.

بلڪل اهو ئي بنياد آهي ته اسان ڀلي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ سنجيده هجون، اسان ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي ذريعي ٻوليءَ کي بچائڻ جا جتن ڪري رهيا هجون. پر جيڪڏهن پرائمري تعليم ختم ٿي ويئي. اسان جي ٻار جو بنياد ٻڙي هوندو ته اهو اڳتي ڇا ڪندو؟ سنڌ جي بنيادي تعليم جو مسئلو پرائمري تعليم آهي.  اسان جي ڪنهن به پرائمري اسڪول ۾ وڃو ته ماسترياڻيون سوئٽر ويٺيون اڻن يا موبائل تي ڪچهري پئي ٿئي. يا وري ڪپڙن، ميڪ اپ جون ڳالهيون پيون هلن. ماستر پگهار وڌڻ تي بحث ويٺا ڪن ، پروموشن جي جڳاڙ تي يونين سان لهه چڙ ۾ لڳا پيا آهن. ڪير به ڪلاس نٿو وٺي. ڪير به سنجيدگيءَ سان ٻارن کي نٿو پڙهائي.   وري ٻيو پاسو اهو آهي ته اقربا پروري سان ، رشوت سان، استاد  ڀرتي ڪيا ويا ، جن جي ڪابه ميرٽ ناهي، جن کي خود به ڪجهه به نٿو اچي. اهي ٻار ڇا پڙهائيندا؟ نتيجي طور ٻارن جو بنياد ڪچو رهجي وڃي ٿو. اهي ٻار امتحان ۾ پاس ڪيا وڃن ٿا. وري سيڪنڊري اسڪول پهچن ٿا. جن کي لکڻ پڙهڻ به نٿو اچي. اتان جو ماحول به ساڳيو آهي، ماستر سياست ڪرڻ ۾ پورا يا وري صحافت ڪري رهيا آهن. ڳوٺن ۾ ماستر ته پنهنجا ڪاروبار ڪن ٿا. هي ته نوڪري وقت پاس ڪرڻ ۽ رٽائيرڊمينٽ جو فاعدو وٺڻ لاءِ آهي.عبدالله شاهه سنڌ جو وزير اعليٰ هو ته ڪي ماڻهو ماستريءَ جي نوڪري وٺڻ لاءِ آيا ، عبدالله شاهه کين چيو بابا ڪو ٻيو ڪم ڪار ڪريو ڇڏيو ماستري کي. جنهن تي همراهن جواب ڏنو سائين ماستري ملي ته پوءِ ڪو ٻيو ڪم ڪار ڪريون.

مون اڪثر اسڪولن ۾ ڏٺو آهي. ڪو به ماستر ڪلاس نٿو وٺي. 99 سيڪڙو استاد  پڙهائي ۾ ڪابه دلسچي نٿو وٺي. 60 سيڪڙو ماسترن کي وري اچي ڪجهه نٿو ته پڙهائن ڇا؟ اڪثر استادن جون يونينون ٺهيل آهن، جيڪي ماسترن جي پروموشن کان وٺي موڪل، بقاياجات وٺي ڏيڻ. ناجائز مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن. ماستر پڙهائي يا نه پر سندس پگهار وڌڻ گهرجي. اسڪولن ۾ ڪابه انسپيڪشن نٿي ٿئي. جي ٿئي ٿي ته ڪڪڙن جي دعوت ٿئي ٿي. ڪو وقت هو جڏهن استاد  ٻارن پڙهائڻ ۽ انهن جي رزلٽ سان سڃاتو ويندو هو. سندس عزت ۽ وقار پڙهائڻ ۾ هو. پر اڄ ماستر ڪلاس وٺڻ ۽ ٻار کي پڙهائڻ سان ڪابه دلچسپي نٿو رکي . پهريائين ڊيوٽي ئي ڪونه ڪندو هو. گوسٽ ماسترن جو تعداد  هزارن ۾ هو. پر حڪومت هاڻي ڪجهه اپاءَ وٺي حاضري کي يقيني بنايو آهي. هاڻي ماستر اسڪول اچي ٿو. پر سڄو وقت  ردي موضوعن تي  ڪچهري ڪندي گذاري ٿو. ڪو به چيڪ ۽ بيلنس ناهي ته ماستر اچي اسڪول ۾ پڙهائي ٿو يا نه.

اڪثر اهڙا ماستر  فزڪس، مئٿس، انگلش  يا سنڌي جا آهن جن کي انهن موضوعن جي الف بي نٿي اچي.  پوءَ اخر ۾ امتحان جو مرحلو توهان سڀني کي خبر هوندي آهي ته سڄي  سنڌ ۾ ڪاپي جي ڌوم متي پئي هوندي آهي. ميٽرڪ ڪري ٻار انٽر ۾ پهچن ٿا. پر ڪورا ڄٽ . اڪثر مون يونيورسٽي ۾ اهڙا ٻار ايندي ڏٺا جن کي  لکڻ پڙهڻ به نه ايندو آهي. جن کي لفظن جي صورتخطي نه ايندي آهي. جن وٽ بنيادي شين جو علم ئي نه هوندو آهي. اهي ٻار سفارشون، ڪرائي، يا ڪي ٻيا طريقا استعمال ڪري ڊگري وٺي ويندا آهن. وري اهي ئي پروفيسر ٿيندا آهن انهن جي پي ايڇ ڊي وري ڪي ٻيا ڪاپي پيسٽ ڪري لکي وٺندا آهن. پوءِ پئسن جي عيوض يا ڪنهن ٻِي رشوت جي عيوض اهي پروفيسر ٿي ويندا آهن.

جڏهن مون زمان ۽ مڪان تي ريسرچ ڪئي ٿي ان وقت هڪ فزڪس جي پروفيسر وٽ ويس ته مون مونکي صرف  ٿيوري آف ريليٽوٽي سمجهائي توهان يقين ڪريو چيائين ته توکي جي سمجهه ۾ اچي ته مونکي به سمجهائج. اهي يونورسٽين جا پروفيسر آهن. سنڌ ۾ ائين تعليم جي تباهي ٿي چڪي آهي.

ٻئي طرف نجي اسڪول آهن. جن جو زور صرف گليئمر تي آهي. ماسترياڻيون سمارٽ، اپ ڊيٽ، ميڪ اپ،  فيشن ۾ ملبوس جيڪي  پاڻ نه پڙهي سگهيون هاڻ نجي اسڪول ۾ پنج هزار ۾ ڊيوٽي ڪري پنهنجي ميڪ اپ جو خرچ ڪڍيو ويٺيون آهن. انهن کي اسان پنهنجي قوم جو مستقبل هٿ ۾ ڏنو آهي. وري سليبس ڏسو، آڪسفورڊ  جا ڪتاب سڄي اسڪول ۾ هڪ به ماستر اهڙو نه هوندو جيڪو آڪسفورڊ جي انگريزي سمجهي سگهي. پر ڪورس تي ڪتابن جون ڀريون آڪسفورڊ جون. فيسز تي زور، ڪمائي جو ڌندو. انگريزي ميڊيم جي نالي ۾ اردو ميڊيم. اسان جا سنڌي مائٽ به خوش ته سندن پٽ انگلش ۾ پڙهي ٿو. انهن پرائويٽ اسڪولن جو ڪوبه چيڪ ۽ بيلينس ڪونهي جيڪي وڻين سو ڪن، حڪومت کي مڃين ڪونه. پنهنجي مرضي هلائن. توهان يقين ڪريو هن ڪاروبار ۾ هاڻي طالبان به ڪاهي پيا آهن.

سنڌ ۾ انهن جا اسڪول بزنيس  تمام گهڻا آهن. انهن اسڪولن مان توهان کي ڪابه رزلٽ نه ملندي ٻار 99 سيڪڙو مارڪون کڻي ايندو پر ايندس ڪجهه به نه. آخر ۾ اهي ٻار نقل ڪرڻ ۾ پورا، ٽيوشن پڙهڻ ۾ پورا آهن. جڳهه جڳهه تي ٽيوشن سينٽر کوليا ويا آهن جيڪي هڪ ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن. گذريل ڏينهن ۾ هڪ نجي اسڪول ۾ هڪ ماسترياڻي هڪ ٻار کي جلهيو جيڪو موبائل تي اگهاڙي فلم ٻي شاگردياڻي کي ڏيئي رهيو هو. اسڪول انتظاميا انهيءَ ماسترياڻي کي نوڪري مان خارج ڪري ڇڏيو . هنن چيو ڇو ٿي اسان جو بزنيس چوپٽ  ڪرين. ٻار بس اسڪول ۾ خوش هجن والدين راضي هجن ته پئسا ايندا رهن. بلڪل ائين جيئن اسپتال ۾ مردي جو علاج ڪري ڊاڪٽر لکين رپيا ماڻهن مان ڪڍندا آهن. اهو نجي اسڪولن جو ڄار سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي چڪو آهي. اسان جا سڀئي سرندي وارا ، وڏيرا، سياستدان پنهنجا ٻار نجي اسڪولن ۾ پڙهائن ٿا. جنهن وٽ پئسو گهڻو آهي اهو او ليول ۽ اي ليول ۾ ٻار کي پڙهائي ٿو. جي اڃا به گهڻو اٿس ته پنهنجي ٻار کي يورپ موڪلي ٿو. پوءِ گورنمينٽ جا اسڪول عام خلق جي لاءِ آهن پڙهن يا نه؟ اسان کي ڪهڙو ٿو فرق پوي.

اهو رويو  اسان جو تعليم ڏانهن آهي.  حڪومت  ٻارن کي ڪتاب  مفت ۾ ڏئي ٿي. پئسا به ڏئي ٿي ، ڪابه فيس نٿي وٺي. ماسترن جا پگهار به هاڻي گهٽ ناهن. پر اهي اسڪول ٻڙي تي بيٺا آهن. آخر ڇو؟

اچو ته ڏسون  تعليم جو نظام ڪيئن سڌري سگهي ٿو.

سڀ کان پهرين اسيمبليءَ مان اهو قانون پاس ٿئي ته سرڪاري ملازمن جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندا. ڪنهن جو به ٻار ملڪ کان ٻاهر نه پڙهندو. نه وري ڪنهن نجي اسڪول ۾ داخل ٿيندو. توهان جلدي ڏسندا ته اسان جا وڏيرا، اسان جا سياستدان، اسان جا بيروڪريت روز اسڪول بيٺا هوندا ته پڙهائي صحيح ڪريو. اسڪول ۾ سهولت ڏيو. ڪلاس وٺو ، اهي پاڻهي چيڪ ڪندا .

سمورن اسڪولن جي استادن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، سنڌ سيڪريٽريٽ مان ڪلارڪي ڪرپشن ختم ڪئي وڃي، فائل لڪائڻ جا پئسا ، فائل اڳيان ڪرڻ جا پئسا، ٽراسفر جا پئسا، پوسٽنگ جا پئسا بند ڪيا وڃن. نان گزيٽيڊ جا ڊِي ڊي او پاور ختم ڪيا وڃن. ڊي او سياسي بنيادن جي بجاءِ ميرٽ تي رکيا وڃن ان پوءَ  يونينون جيڪي اسڪول يا ڪاليج ليول تي ٺهيل آهن ، فورن انهن تي پابندي لڳائي وڃي. جيڪو به يونين ٺاهي ان کي نوڪري مان ڪڍيو وڃي. توهان ڏسندا ته بليڪ ميلنگ، احتاجي مظاهرا  بند ٿي ويندا. ماسترن کي پڙهائڻو پوندو. ليڊرن جي بدمعاشي بند ٿي ويندي.

سنڌ سيڪريٽ ۾ تعليم جي مسئلن لاءِ ڪنهن ماستر کي نه اچڻو پوي، هر ماستر جو پروموشن ، پگهار جو مسئلو ، پينشن جو مسئلو. يا وري پوسٽنگ ٽرانسفر ضلعي ليول يا وري هيٺان کان مٿان هڪ سلسلي موجب ميرٽ تي ٿئي.

هر اسڪول جي انسپيڪشن هر ڇهن مهينن کان پوءَ ٿئي جيڪا ڪڪڙن جي دعوت لاءِ نه، واقعي حقيقت ۾ ڪرائي وڃي. جي انهيءَ ۾ ڪنهن جي ڪوتاهي نظر اچي يا ڪو استاد ڪورس نٿو پڙهائي ته سختيءَ سان انهيءَ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.ان کان پوءِ ڪاپي  يا نقل مڪمل بند ڪيو وڃي.

هر نجي اسڪول کي پابند ڪيو وڃي ته هو ڪورس صرف سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو پڙهائي ، ڪوبه رنگروٽ ڪورس آڪسفورڊ، گابا سابا وارو  نه هلندو،  نجي اسڪولن کي سختي سان پابند ڪيو وڃي ته هو ماسترن کي پگهار حڪومتي قاعدن تحت ڏين.

هر بورڊ ۾ ويٺل ڪاريون رڍون ڪڍيون وڃن.ڇو ته بورڊن ۾ جيڪا ڪرپشن ٿئي ٿي. انهيءَ جو مثال ته تاريخ ۾ نٿو ملي . پئسا ڏيئي 82 سيڪڙو وٺو. مارڪن ۾ هيرا ڦيري ڪرايو. اسڪولن جي رجسٽريشن رشوت ڏيئي ڪرايو. ڪوبه چيڪ ۽ بيلنس ڪونهي ته اهي ٻن ڪمرن جا اسڪول ڪيئن رجسرڊ ٿيا. گذريل ڏينهن ۾ حيدرآباد بورڊ ۾ آيل چئرمين ڊاڪٽر محمد خان سختي سان بورڊ مان ڪرپشن ختم ڪئي، بورڊ کي انصاف ۽ اصول تي هلايو.  پر سندس جيئڻ حرام ڪيو ويو نيٺ چئرمين صاحب اسيعفيٰ ڏيئي ڇڏي. ڇو ته وڇ ڪڏندي آهي پنهنجي ڪِلي تي. حڪومت توجهه نٿي ڏيئي. ميرٽ جي لتاڙ ڪري ته پوءِ ماروئڙا فقير ڪنهن در دانهن ڏين.

اسڪول جي ايس ايم سي ضلعي ليول تي، ۽ تعلقي ليول تي ايتري آهي جو اسڪول فل فرنش ۽ اي سي هجن. ٻارن کي دنيا جون جديد سهولتون ڏيئي سگهجن ٿيون. پر اسڪول جي سڄي بجٽ وڏيرا کايو وڃن. حڪومتي اسڪولن جي حالت وڃي ڏسو ته موهن جو دڙو لڳا پيا آهن، ڇو ته اسڪولن جي بجٽ سڀ ملي ڪري کايو وڃن. انهيءَ جو چيڪ ۽ بيلنس ناهي. نه ته تعليم جي بجٽ هاڻي ايتري آهي جو اسان جا اسڪول يورپين اسڪولن کان به مٿانهان هجن. پر ڪرپشن وري اهڙي آهي جو اسڪول کنڊرات لڳا پيا آهن.

هر استاد  کي ٻن مهينن جي موڪل ۾ ٽرينگ ڏيڻ ،ريفريش ڪورس ڪرائڻ جي ضرورت آهي.

هتي هڪ اهم ڳالهه ته اسان جي ڳوٺن ۾ سڀني وڏيرن جي گهر جون مايون نوڪرين ۾ آهن، پر ڊيوٽي ڪير به نه ڪندو آهي، ڀلي توهان جي ٽيم چيڪنگ ڪري پر ڪنهن کي جرعت آهي جو وڏيري جي گهر جي مائي جي ڳالهه ڪري. وڌ ۾ وڌ جڏهن ضرورت پوندي آهي ته ڪا نوڪرياڻي پنج سئو وٺي اسڪول ۾ حاضري ڀرائي ويندي آهي.

تعليم کاتي ۾ موجود استاد جيڪي صحافت ڪن ٿا، ڪي ٽي وي ، ڪي اخبار ۾ ڪي ميڊيا جا نمائندا آهن. اهي اڪثر بيلڪ ميلنگ ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن. ڪي اهڙا به استاد آهن جيڪي ڊيوٽي نٿا ڪن، پنهنجي اسڪول يا ڪاليج  ۾ هڪ ڏينهن نٿا وڃن. صرف صحافت ڪن ٿا. ڇا سائين سردار علي شاهه انهن کي ڪڍي ٻاهر ڪندو؟  يا انهن تي ڪو قانوني قدم کڻندو ؟ ڇو ته استاد هئڻ ڪل وقتي ڊيوٽي آهي. پهرين پاڻ پڙهڻو آهي يا اپ ڊيٽ ٿيڻو آهي. پوءَ ٻارن کي پڙهائڻو آهي. انهن جي تربيت ڪرڻي آهي، کين چڱا اخلاق سيکارڻا آهن. انهيءَ ڪري تعليم کاتو صحافين کي مفت پگهار ڏيڻ بند ڪندو. اهو هڪ انقلابي قدم هوندو.

سنڌ ۾ تعليم لاءِ هڪ يونيوفارم پاليسي جي ضرورت آهي،   جڏهن ايڇ اي سي سڄِي ملڪ  جي يونيورسٽين لاءِ هڪ ئي سليبس ٺا هي رهي آهي ته پوءِ پرائمري تعليم لاءِ هڪ سليبس ڇو ناهي؟ آئون سمجهان ٿو سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سليبس بهترين آهي صرف صحيح طرح ڪير پڙهائڻ وارو هجي، اهو ئي سنڌي ميڊيم اهو ئي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سليبس پڙهي اسان جي تاريخ ۾ ڀيرو مل آڏواڻي پيدا ٿيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پيدا ٿيو. ڊاڪٽر علامه دوائود پوٽو ۽ گربخشاڻي پيدا ٿيو. علامه آءِ آءِ قاضي پيدا ٿيو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پيدا ٿيو. ته اڄ ڇو نٿا پيدا ٿي سگهن اوچتو اسان جي سليبس ۾ ڪهڙي خرابي آئي آهي؟ جو آڪسفورڊ جو سليبس ٻارن تي مڙهجي جنهن جو ڪلچر هتان جو ناهي، هتان جي ماحول کي نٿا سمجهن.

تعليمي سڌارن جي ضرورت هڪ انقلابي قدم ضرور آهي، جنهن لاءِ وڏي جرعت جي ضرورت آهي.

جڏهن به توهان سڌارا آڻيندا هزارين ماڻهو توهان جي خلاف  ٿيندا. توهان جي خلاف مظاهرا ٿيندا. ڌرڻا لڳندا ، ميڊيا ۾ برڪينگ خبرون ٺهنديون ،محرومي جو رومانس شروع ٿي ويندو. ظلم جا داستان ميڊيا تي ٻڌڻ ۾ ايندا. پر حقيقت اها آهي ته ورهين جا کريل ماڻهو تبليغ سان نه سڌرندا انهن کي قراني آيتون ٻڌائي نٿو سڌاري سگهجي،   سختي سان، قانوني ڪارروائيءَ سان ، مستقل مزاجي سان ۽ ثابت قدمي  سان سڌرندا. ان ۾ خود اعتمادي جي ضرورت آهي ، ايمانداري ۽ مخلص ٿيڻ جي ضرورت آهي. جي اسان تعليم سڌاري وياسين ته سنڌ جو مستقبل اسان سنواري وياسين.ايئن ايندڙ دور جي چئلينجن کي منهن ڏيئي وينداسين. ۽ صدين تائين توهان جي هن ڪارنامي کي ياد رکيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے