19 پیر , نومبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو: پ پ  شهيد ڀٽو طرفان علي حسن عمراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي

Larkana: Rally for the arrest of murderer*لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو طرفان پارٽي ڪارڪن علي حسن عمراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

 المرتضيٰ  هائوس کان مخيتار ڀٽو ، انعام الله ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  نڪتل ريلي شھر جي مختلف علائقن مان ٿيندي پريس ڪلب پهتي.

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پارٽي ڪارڪن علي حسن عمراڻي کي رتوديرو ۾ قائم پيٽرول پمپ تي ڦر دروان مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هو.

سندن  چوڻ هو ته رتوديرو پوليس جي نااهلي سبب رتوديرو شهر ۾ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن کي روڪڻ وارو ڪو به نه آهي.

 هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪن جي قتل ۾ ملو ث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے