18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: فريدآباد: پوليس جي  ڳوٺ تي چڙهائي،  عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، احتجاج، انصاف جو مطالبو

Fareedabad: Protest against police for victimizing women and children*فريدآباد ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪرڻ بعد گهرن ۾ پيل الهه تلهه ٻهاري وئي، ڳوٺاڻن پوليس جي ناانصافي خلاف احتجاج ڪيو .

ڳوٺ ڀنڀا تي راڌڻ، ميهڙ. فريدآباد پوليس هلان ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪرڻ بعد گهر پيل الهه تلهه کڻي وئي .

ڳوٺاڻن  محمد جمن، صحبت، مينهل ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف سٽي گيٽ کان نيشنل پريس ڪلب تائين  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پوليس گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ گهرن ۾ پيتين جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي ماليت جو سون 50 هزار روڪ به کڻي وئي آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته مهينو  ڳوٺ کبڙ خان گوگاڻي چانڊيو مان نوجوان ڇوڪري  گهران نڪري  نوجوان سان پسند جوپرڻوڪيو جن سان سندن ڪو به تعلق ناهي .

هنن چيو ته راڌڻ پوليس اڳ ۾ ئي اسان جا ٻه نوجوان جاويد ڏيرو ۽ آفتاب ڏيرو کي  کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي

هنن آءِ جي سنڌ ۽  ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے