17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ: جبري گمشدگين خلاف عالمي ڏهاڙو ۽ گم ڪيل ماڻهن جو وڌندڙ انگ

Report: World Missing persons day celebration30 آگسٽ کي جبري گمشدگين خلاف عالمي ڏهاڙو ڪري ملهايو پيو وڃي، پر سنڌ سميت پوري ملڪ مان ڪيترائي ماڻهو کنڀي گم ڪيل آهن، جن جا وارث سخت پريشانين جو شڪار آهن.

اهو ڏهاڙو 21 ڊسمبر 2010 تي  گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ٺهراءَ پيش ڪري هر سال ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

ان ڏهاڙي جو مقصد سڄي دنيا ۾ جبري گمشدگين بابت آگاهي ڏيڻ آهي، جن ۾گرفتاريون، اغوا يا ڪو ٻيو اهڙو عمل جنهن سان ماڻهن کان آزادي کسي وڃي.

جبري گمشدگين جي وڌندڙ انگ ۾نائجيريا ۽ عراق سميت دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي. محتاط اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 40 هزار ماڻهو کنڀي گم ڪيل آهن.

جڏهن ته سنڌ مان عاقب چانڊيو، خادم آريجو، هدايت لوهار، ديدار امرت ۽ ننگر چني سميت ڪيترائي ماڻهو کنڀي گم ڪيل آهن.

جبري گمشدگين خلاف مختلف سياسي پارٽيون توڙي سماجي تنظيمون آواز اٿارينديون رهيون آهن، جن مان هڪ تنظيم هيومن رائٽس ڊفينڊر موجب لڳ ڀڳ 10 هزار ماڻهو گم آهن.

پاڪستان ۾ جبري گمشدگين بابت جوڙيل ڪميشن جي انگ اکرن موجب کين 50 هزار 75 شڪايت مليون آهن، ان جي ڀيٽ ۾هلندڙ سال جي رڳو شروعاتي چئن مهينن ۾ 6 سئو 5 درخواستون ملي چڪيون آهن، جيڪي هڪ رڪارڊ واڌ جي نشاندهي ڪري ٿي.

ملڪ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، نه ئي وري کين آئين ۽ قانون موجب عدالت آڏو ظاهر ڪري ڪيس هلايا وڃن ٿا.

انساني حقن جي عالمي چارٽر موجب ڪهڙي به صورتحال هجي، پر جبري گمشدگين جو جواز ٺاهي نٿو سگهجي ۽ ڪنهن به شخص کي حراست ۾ وٺڻ بعد سندس منتقلي جي ڄاڻ ڪٽنب ۽ وڪيلن کي ڏيڻ لازمي آهي. پر هتي ان تي عمل نه پيو ٿئي.

رپورٽ موجب پاڪستان ۾کنڀي گم ڪيل ماڻهن جون ڪيتريون ئي درخواستون عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، رڳو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستن جو انگ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ آهي.

سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جي احتجاج جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار پاڻمرادو نوٽيس پڻ ورتو هو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي هئي ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ لاءِ هڪ خاص سيل جوڙيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. پر اڃا تائين جبري گمشدگين جي روڪٿام لاءِ جوڳا اپاءَ ٿيندي نظر نٿا اچن.

ڪيترائي ورهيه وهامي ويا، ڪيتريون ئي ڪميشن جوڙيون ويون، ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا، پر جبري گمشدگين جو سلسلو جيئن جو تيئن برقرار آهي، پر اهڙن واقعن ۾ هر آئي ڏينهن واڌ ايندي پئي وڃي.

پاڪستان ۾جبري گمشدگين تي گڏيل قومون، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽ سميت پاڪستاني انساني حقن واري ڪميشن لڳاتار ڳڻتي جو اظهار ڪنديون رهيون آهن…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڏھرڪي: لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، چئن  عورتن سميت  3 مرد زخمي

ڏھرڪي ويجهو  يو سي داد لغاري ۾ پاڻي جي معاملي تان لغاري برادري جي ٻن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے