19 پیر , نومبر 2018

نيوز: سکر: غنويٰ ڀٽو جي پئٽرول پمپ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Sukkur: The arrest of the respondents on the Benazir Bhutto's Petrol Pump*سکر ۾ شهيد ڀٽو پاران غنويٰ ڀٽو جي پيٽرول پمپ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو مهتاب شامي، ياسين ۽ قربان ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن رتي ديري ۾ غنويٰ ڀٽو جي پيٽرول پمپ جي مينيجر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته رتوديرو پوليس جي نااھلي سبب غنوا ڀٽو جي پيٽرول پمپ تي  ھٿياربندن حملو ڪري پيٽرول پمپ جي مينجر علي حسن  عمراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

هنن چيو ته کلي عام واقعو ٿيو آهي، جوابدار به ظاهر آهن، پر پوليس اڃا تائين جوابدار گرفتار ناهن ڪيا.

سندن چوڻ هو ته حملو کليل دھشتگردي آھي جنھن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتاري ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے