19 پیر , نومبر 2018

نيوز: اسلام ڪوٽ: ڳوٺاڻن پاران روڊ جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

Islamkot: The villagers protest against the road not being repaired*اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن پاران روڊ جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

صدر الدين، يوسف ۽ جان محمد بجير سميت ٻين ڳوٺاڻن اسلام ڪوٽ کان ڳوٺ ميهاري بجير ڏانهن ويندڙ روڊ نه ٺهڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڳوٺ ميهاري بجير ۽ مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، روڊ جي ٻيهر مرمت نه ٿيڻ سبب هو سخت ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته روڊ نه ٺهڻ سبب ڪيترائي روڊ حادثا معمول بڻجي ويا، پر  چونڊيل نمائندا اگهور ننڊ ستل آهن، روڊ تي ٻيهر حادثو پيش آيو ته ان جا ذميوار چونڊيل نمائندا هوندا.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته روڊ جي مرمت ڪرائي حياتيون بچائين……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے