13 جمعرات , دسمبر 2018

سرڪاري وسيلن جو استعمال، اڳوڻي نگران وزيراعظم خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم ناصر الملڪ جي سوات جي نجي دوري لاءِ سرڪاري خرچن جي استعمال خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مامون رشيخ شيخ بئريسٽر جاويد اقبال جعفري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو. درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي نگران وزيراعظم رياستي ذميواري بجاءِ ذاتي معاملن لاءِ پروٽوڪول استعمال ڪيو ۽ پنهنجا اختيار اورانگهيا. درخواست گذار جو چوڻ هو ته اڳوڻي نگران وزيراعظم پنهنجي اباڻي علائقي سوات ۾ 22 گاڏين جو ڪانوائي استعمال ڪيو ۽ پروٽوڪول جو استعمال ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. درخواست گذار اپيل ڪئي ته عدالت پروٽوڪول جي معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ اضافي خرچ واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے