13 منگل , نومبر 2018

اسان جو مقابلو هيلي ڪاپٽر ۾ سفر ڪندڙن سان آهي: عابد شير علي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته اسان دلين ۾ رهندا آهيون، ڪير به عوام جي دلين مان شينهن کي نٿو ڪڍي سگهي، عمران خان کي غريبن لاءِ اربين رپين جي بجلي بلن جو حساب ڏيڻو پوندو. صحافين سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته مان اين اي 124 لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهيان، اسان جو مقابلو انهن سان آهي، جيڪي هيلي ڪاپٽر ۾ 55 رپيا في ڪلو ميٽر جي سفر کي ترجيح ڏيندا آهن. هن چيو ته ن ليگ حڪومت ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو، نئون ٽرانسميشن نظام متعارف ڪرايو، جڏهن ته عوام دشمن حڪومت اڳ ۾ پيٽرول ۽ پوءِ بجلي جو بم ڪيرايو، 3 هزار رپين جو بجلي بل هاڻ 10 هزار رپيا ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ايل پي جي مهانگي ٿي وئي، عمران خان سٺي تبديلي آندي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے