18 اتوار , نومبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيلن جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي گم ٿيل ماڻهن جو گم ٿيڻ وارو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ۽ گم ٿيل ماڻهن جا وارث پيش ٿيا. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي رپورٽون پيش نه ڪرڻ تي وفاقي گهرو وزارت ۽  پوليس آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهي، اسان ماڻهن جو وقت ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، شهرين جي بازيابي لاءِ ڪهڙا بندوبست ٿي رهيا آهن ماڻهن کي خبر هئڻ گهرجي. گم ٿيل شهرين جي حوالي سان پراسيڪيورٽي رينجرز موقف پيش ڪيو ته علي مهدي کي رينجرز حراست ۾ ناهي ورتو. علي مهدي جي ماءُ چيو آهي ته منهنجي پٽ کي رينجرز رات جو 3 وڳي گهروارن جي سامهون کنڀيو، پراسيڪيوٽر رينجرز ڪيئن ٿو چئي سگهي ته علي مهدي کي حراست ۾ ناهي ورتو ويو، اسان وٽ وڪيل ڪرڻ جا به پيسا ناهن. عدالت ايس ايس پي سينٽرل کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جا بيان قلمبند ڪرائي ڪيس داخل ڪيو وڃي. عدالت شهري فرقان جي گمشدگي جي جاچ آءِ جي سنڌ جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ 20 سيپٽمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ شهري عمران خان جي گمشدگي ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڊي ايس پي الطاف حسين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت گم ٿيل شمشاد جي جي گمشدگي جو به ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻين شهرين جي گمشدگي جي درخواستن تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو. هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ  هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ آءِ جي سنڌ،  ڊي جي رينجرز، گهرو کاتو ۽ ٻيو ڌريون 19 سيپٽمبر تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائن. عدالت وفاقي گهرو وزارت کي جواب جمع ڪرائڻ جي آخري مهلت ڏئي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين: آرمي چيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪراچي ۾ سيڪيورٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے