15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: سڪرنڊ: شهيد ڀٽو پاران پيٽرول پمپ تي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

Sakrand: The protest against the murder of the martyrdom of the attack on Petroleumسڪرنڊ ۾ شهيد ڀٽو پاران غنويٰ ڀٽو جي پيٽرول پمپ تي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو مزار خان رند، حبيب الله رند پريل شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پيٽرول پمپ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو جي ذاتي پيٽرول پمپ تي غنڊن حملو ڪري مئنيجر کي قتل ڪيو.

هنن چيو ته واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به موجود آهن جن ۾ حملو ڪندڙ جوابدار واضح آهن پر لاڙڪاڻو پوليس ڌر بڻجي گرفتار نٿي ڪري.

سندن چوڻ هو ته ڀٽو جي اصل وارثن کي تنگ ڪيو پيو وڃي جيڪو سراسر ظلم آهي، ظالم حڪمرانن جي آڏو ڪنهن به صورت ۾ نه جهڪي مهاڏو اٽڪايو ويندو.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غنويٰ ڀٽو جي پيٽرول پمپ تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج رپورٽ : …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے