21 بدھ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ پنجاب ڪوآپريٽو بئنڪ جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

NICUL Case: Supreme Court directed the Accountability Court to complete the trial in two monthsاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنجاب ڪو آپريٽو بئنڪ جي آڊٽ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ رجسٽرار پنجاب ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ ۾ باهه بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سيڪريٽري ۽ رجسٽرار ڪوآپريٽو پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيا. جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته لاهور رجسٽرار آفيس ۾ باهه لڳي وئي ۽ رڪارڊ سڙي ويو، چڪر ڇا آهي؟ ڇا ڪا جاچ ٿي آهي؟ ڇا آشيانا هائوسنگ ۽ پيراگون سوسائٽين جو به رڪارڊ سڙيو آهي؟ سيڪريٽري ڪوآپريٽو پنجاب ٻڌايو ته آشيانا ۽ پيراگون هائوسنگ سوسائٽي اسان جي دائري ۾ نٿا اچن، پنجاب پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جي به آڊٽ ناهي ٿي، 20 جون تي مقرري کانپوءِ سوسائٽين جي آڊٽ جو حڪم ڏنو ۽ جڏهن رجسٽرار ڪوآپريٽو آڊٽ شروع ڪئي ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي باهه لڳي وئي، باهه پاڻ ناهي لڳي پر لڳائي وئي آهي، هائوسنگ سوسائٽين اندر ڪيترين ئي غير قانوني شين جو جائزو ورتو، ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ ۾ بدليون ڪيون ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري روڪرائي ڇڏيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اربين رپين وارن سفارشون ڪري بدليون روڪرايون هونديون، بدليون روڪرائڻ وارو عمل نيڪ نيتي تي ٻڌل نٿو لڳي، پنجاب حڪومت کي ٻڌائي ڇڏيو ته رجسٽرار ڪوآپريٽو کي تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين. عدالت باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ ايڊيشل آءِ جي ابوبڪر خدا بخش کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ٻن هفتن ۾ شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جواب ڏنو ته عدالتي حڪم تي سڄي ملڪ جي هائوسنگ سوسائٽيز جي آڊٽ جاري آهي، 2767 سوسائٽين جي آڊٽ شروع ڪئي آهي ۽ هيل تائين 7 سئو سوسائٽين بابت آڊٽ رپورٽون وصول ٿيون آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سوسائٽين جي فرانزڪ آڊٽ نه رڪجندي. عدالت رجسٽرار ڪوآپريٽو کي پنجاب ڪوآپريٽو بئنڪ جي آڊٽ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب بينڪن کان شهباز شريف جي اڪائونٽن جي تفصيل گهري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے