14 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي ۾ اڳ نتيجا چوري ٿيا پر هن ڀيري ڌاڙو هنيو ويو: سعيد غني

لاڙڪاڻي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڳ نتيجا چوري ٿيا هئا ۽ هن ڀيري ڌاڙو هنيو ويو، سنڌ جي شهرن ۾ ٽن کان چئن مهينن اندر تبديلي نظر ايندي. لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته مان ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو آهي، هتي مسئلا موجود آهن، ڪچرو گڏ ڪرڻ جي جاءِ مناسب ناهي، لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ ڪميٽي غير فعال آهي، مڪاني ادارن ۾ وڏي تبديلي جي ضرورت آهي، کاتي ۾ غير فعال ادارن کي فعال ٿيڻ گهرجي. صدارتي چونڊن بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اپوزيشن پ پ کي ڪمزور ڪري رهي آهي، صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اسان جو اميدوار سڀني کان تجربي ڪار آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا احتساب رڳو چونڊيل سياستدانن جو ئي ٿيڻو آهي: بختاور زرداري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے