13 منگل , نومبر 2018

رپورٽ: حيدرآباد :  جبري گمشدگين جي عالمي ڏهاڙي ايڇ آر سي پي پاران سيمينار

Hyderabad: Worldwide WWC RPG seminarجبري گمشدگين جي عالمي ڏهاڙي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾سيمينار ڪوٺايو ويو.

تقريب ۾اديبن، ليکڪن ۽ سماجي اڳواڻن پروفيسر امداد چانڊيو، ذوالفقار هاليپوٽو، پنهل ساريو، سنڌو نواز ۽ مشتاق ميراڻي سميت سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪنهن به ماڻهو کي کنڀي گم ڪرڻ وارو عمل عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، سڄي ملڪ ۾روز ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ماڻهن کي کنڀيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سياسي ڪارڪن، ليکڪ، شاعر ۽ اديب شامل آهن……

هنن چيو ته سنڌ ۾جبري گمشدگي واري معاملي ماڻهن کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جبري گمشدگيون مذمت جوڳو عمل آهن، هو حڪومت کي اپيل ڪن ٿا ته گم ڪيل سمورا ماڻهو آزاد ڪيا وڃن……

اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي آئين تي عمل ڪرائي ان ناانصافي مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي، جيڪڏهن آئين تي عمل نه ٿيو ته انساني حق غضب ٿيندا رهندا، هاڻي جبري گمشدگين وارو معاملو ختم ٿيڻ گهرجي.

هنن مطالبو ڪيو ته 80 واري ڏهاڪي کان شروع ٿيل ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪري سنڌ مان جبري طور گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري انساني حقن واري عالمي قانون تي عمل ڪرايو وڃي.

ڪئميرامين حضور بخش سان گڏ حسيب لطيفي عوامي آواز ٽي وي حيدرآباد……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے