16 جمعہ , نومبر 2018

ريلوي ۾ فرض شناس آفيسرن کي ذليل ڪيو پيو وڃي: سعد رفيق

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته وزير اعظم جي هيلي ڪاپٽر کي رڪشي جيان استعمال ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. تفصيل موجب پاڪستان مسلم ليگ نواز جي مرڪزي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته مخالف ڌر ۾ رهي حڪومت ۾ هر غلطي پڪڙينداسين، پي ٽي آءِ جيڪي واعدا ڪيا اُهي پورا ڪرڻا پوندا. ن ليگي اڳواڻ چيو ته ريلوي ۾ فرض شناس آفيسرن جي تذليل ڪئي پئي وڃي. وزير اعظم جي هيليڪاپٽر کي رڪشي جيان استعمال ڪيو پيو وڃي، عمران خان جي حڪومت ۾ هر شئي اونڌي آهي ڪجهه به سِڌو ناهي.  خواجا سعد رفيق چيو ته اسان سسٽم کي ڊي ريل ناهي ڪيو، ڪنٽينر تي ناهيون چڙهيا، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، اسان سان انصاف ناهي ڪيو ويو، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، آخري فتح پاڪستان جي عوام جي هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتساب عدالت نواز شريف جي ٽرائل جي مدي ۾ واڌ لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ٽرائل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے