20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو محمد خان: مڙس پاران زال کي پڃاري واهه ۾ ڌڪو ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف

Tando Mohammad Khan: Acknowledgment of the killing of a man by killing a woman in the canalٽنڊو محمد خان ڀرسان عورت جو قاتل سندس مڙس نڪتو.

ڊي ايس پي بلڙي شاهه ڪريم آءِ ايڇ آرائين موجب شهناز ملاح آپگهات نه ڪيو، پر کيس قتل ڪيو ويو، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي ايس پي آءِ ايڇ آرائين چيو ته شهناز ۽ سندس مڙس نسيم ملاح ۾ شادي بعد  اختلاف هلي رهيا هئا، عيد ڏينهن پيڪن مان گهر هلڻ جي انڪار تي شهناز کي مڙس واهه ۾ ڌڪو ڏئي قتل ڪيو.

هن چيو ته شهناز کي سندس مڙس نسيم ملاح رات جو ڏهين وڳي اٿاري پنڃاري واھ ۾ ڌڪو ڏنو، ۽ آپگهات جو ناٽڪ رچايو ويو.

سندس چوڻ هو ته پوليس واقعي جي جاچ ڪئي ته قتل ثابت ڪيو، گرفتار جوبدار نسيم ملاح پنهنجي گهرواري جي قتل جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

هوڏانهن بلڙي ٿاڻتي جوابدار نسيم ملاح تي ڪيس داخل ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے