16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: بدين: اسپتال جو گند ڪچرو اسڪول ڀرسان اڇلڻ سبب بيماريون پکڙجڻ جو خطرو

Badin: The danger of spreading the disease due to the drainage of the hospital is near in the schoolبدين ۾ اسپتال جو گند ڪچرو  اسڪول ڀرسان اڇلڻ سبب خطرناڪ بيماريون پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو.

انڊس اسپتال جون استعمال ٿيل انجيڪشن ۽ رت جي بوتلن سميت ٻيو سامان ساڙڻ بدران  اسڪول او پي ايف ڀرسان اڇلايو ويو، جنهن سبب خطرناڪ بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو.

اسپتال انتظاميه اعليٰ عدليه جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ڪچرو روڊ تي اڇلائڻ سبب اسڪول ويندڙ شاگردن جي والدين ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي.

او پي ايف اسڪول ڀرسان اسپتال جو گند ڪچرو اڇلڻ سبب اسڪول ۽ ڀر ۾ قائم سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين جا شاگرد به پريشان ٿي ويا آھن.

او پي ايف اسڪول انتظاميه اسڪول آڏو اسپتال جو گند ڪچرو  اڇلائڻ واري معاملي تي جاچ جو مطالبو ڪيو آھي.

هوڏانهن  اسپتال جي ائڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر اخلاق احمد سان عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڊاڪٽر فون نه کئني……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے