19 پیر , نومبر 2018

ايشين گيمز: پاڪستان ۽ ڀارت جون هاڪي ٽيمون گولڊ ميڊل جي ڊوڙ کان ٻاهر

جڪارتا (اسپورٽس نيوز) انڊونيشيا ۾ جاري ايشين گيمز ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هاڪي جي گولڊ ميڊل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون آهن. پاڪستان ۽ ڀارت مينز هاڪي ايونٽ جون واحد ٽيمون هيون، جن ڪا به رائونڊ ميچ نه هارائي پر سيمي فائنلز ۾ پاڪستان کي جاپان، جڏهن ته ڀارت کي ملائيشيا هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. مينز هاڪي ايونٽ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارت ۽ ملائيشيا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ڏسڻ لاءِ مليو، مقرر وقت تائين ٻنهي ٽيمن طرفان 2-2 گول اسڪور ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ ميچ جو فيصلو پينلٽي شوٽس تي ٿيو، جنهن ۾ ملائيشين ٽيم 6-7 تان ڪاميابي ماڻي. هوڏانهن ٻئي سيمي فائنل ۾ ٽورنامينٽ ۾ هيل تائين شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پاڪستاني ٽيم به مايوس پرفارمنس ڏني. قومي ٽيم جاپان خلاف پهرين ڪوارٽر ۾ خساري ۾ هلي وئي ۽ ميچ جي آخر تائين 0-1 جو اسڪور جاپان جي حق ۾ رهيو. ميچ ۾ گرين شرٽس گول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر جاپان بهترين بچاءُ ڪيو. فائنل ۾ جاپان جو مقابلو ملائيشيا سان ٿيندو، جڏهن ته قومي ٽيم ٽين پوزيشن لاءِ روايتي مخالف ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے