15 جمعرات , نومبر 2018

مرڪز ۾ يوٽرن حڪومت آهي، جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ جدوجهد جاري رهندي: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جا اعلان ٻڌي خوشي ٿي پر هو پنهنجي بيانن تان ڦِري ويو، وفاقي حڪومت يوٽرن حڪومت آهي. نئين ديري ۾ پنهنجي تڪ اين اي 200 تي پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايم اين اي بڻجڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جي عوام سان پهرين ملاقات ڪري رهيو آهيان، خوشي آهي ته عوام مون کي ۽ پارٽي کي ڪامياب بڻايو. هن چيو ته مون کي سنڌ جي عوام تي فخر آهي، چونڊن جي ماحول ۾ ماڻهو پارٽيون تبديل ڪري رهيا هئا پر عوام اسان جو ساٿ نه ڇڏيو، 2013ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻڻ سٺو سنئوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جمهوريت کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين، جمهوريت جي مضبوطي لاءِ عوام جي ساٿ جي ضرورت هئي ۽ رهندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے