21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: نصيرآباد: غنويٰ ڀٽو جي پيٽرول پمپ جي مينيجر جي قتل خلاف احتجاج

Nasirabad: Ghinwa Bhutto petrol station manager's murder protestنصيرآباد ۾ شھيد ڀٽو پاران غنويٰ ڀٽو جي پيٽرول پمپ مينيجر جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ممتاز ڪلھوڙو، شيراز پتوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن غنويٰ ڀٽو جي پيٽرول پمپ تي حملي ۾ مينيجر علي حسن عمراڻي جي قتل خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته جوابدارن پيٽرول پمپ تي حملو ڪري مينيجر علي حسن عمراڻي کي قتل ڪيو آهي، جنهن جي هو سخت مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو ته غنويٰ ڀٽو جي پيٽرول پمپ تي حملو ڪري ملازم قتل ڪرڻ کلي دهشتگردي آهي، پر پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملي جا جوابدار گرفتاري ڪري انصاف ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے