14 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ: عوامي آواز جبري گمشدگين جي معاملي تي پاڻ ملهايو آهي: سورٺ لوهار

Public voice is compromised on the matter of forced assault: Sorath loharوائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوهار سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾عوامي آواز جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سموري ميڊيا ۾عوامي آواز جبري گمشدگين جي معاملي تي پاڻ ملهايو آهي.

فيس بڪ تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوهار سياسي سماجي اڳواڻن کي اپيل آهي ته هو سنڌ جي ٻرندڙ سئلي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءِ لاءِ سندن ساٿ ڏين.

هن چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ شروع کان وٺي جبري گمشدگين واري معاملي کي ڀرپور ڪوريج ڏني آهي، جنهن تي هو اداري جي سرواڻ ۽ سموري سٿ جا ٿورائتا آهن…..

سورٺ لوهار وڌيڪ چيو ته هو سنڌي ميڊيا جي ٻين به سمورن ادارن جي مالڪن ۽ ورڪرن کي اپيل ڪري ٿي ته سنڌ جي هن ٻرندڙ مسئلي کي اجاڳر ڪري عوام جو آواز اعليٰ اختيارين تائين پهچايو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : حيدرآباد: الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريلي

*حيدرآباد ۾  الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اولڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے