14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: پي ٽي آءِ حڪومت، يو ٽرن حڪومت آھي: بلاول ڀٽو زرداري

The PTI Government is one of the three governments: Bilawal Bhutto Zardariپ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ھيءَ يو ٽرن حڪومت آھي عمران جا اڳ وارا  اعلان ٻڌي خوشي ٿي پر ھو انھن ڳالھين تان ڦري ويو آهي.

نئين ديري ۾جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ماضي کان وڌيڪ ووٽ کنيا آھن جنھن مان ثابت ٿيو ته سنڌ جي ماڻھن جون ھمدرديون پ پ سان آھن.

هن چيو ته چونڊن جي ڏکين حالتن ۾ جڏهن ماڻهو پارٽيون تبديل ڪري رهيا هئا ته اهڙي وقت ۾ پ پ جو ساٿ نه ڇڏيندڙن تي ناز آهي، جن 2013 واري اليڪشن کان وڌيڪ ووٽ کڻي پارٽي کي ڪامياب ڪيو.

سندس چوڻ هو ته ڪارڪن پارٽي جو اثاثو آھن، جن جھموريت جي بحالي لاءِ  شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي مشن پورو ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏنيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي پيڙھيل عوام جي حقن لاءِ بينظير ڀٽو ڏيهھ آئي ته سندس آڏو رنڊڪون وڌيون ويون، پر هوءَ پوئتي نه هٽي ۽ شهادت ماڻي…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:غوثپور: ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

*غوثپور شهر ۾ ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے