13 منگل , نومبر 2018

هالينڊ ۾ ٿيندڙ گستاخ خاڪن وارو مقابلو رد، گستاخ خاڪن خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو نڪتل احتجاجي مارچ ختم

India's exile protest march ends in Holbrooke's protest against Holocaust Khalidايمسٽرڊيم/اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هالينڊ ۾ ٿيندڙ گستاخ خاڪن جي مقابلي کي رد ڪيو ويو آهي. هالينڊ جي اسلام مخالف اسيمبلي ميمبر گيئرٽ ولڊرز مقابلو رد ڪرڻ جو فيصلو پاڪستان ۾ ٿيندڙ مظاهرن کانپوءِ ڪيو.گيئرٽ ولڊرز هڪ بيان ۾ چيو ته هن فيصلو ڪيو آهي ته خاڪن جو مقابلو نه ڪرايو وڃي. راولپنڊي۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيوته هالينڊ جي پاڪستان ۾ مقرر سفير ٻڌايو آهي ته گستاخ خاڪن وارو مقابلو رد ڪيو ويو آهي.هن چيو ته هالينڊ ۾ گستاخ خاڪن سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي، اسان ڊچ جي پرڏيهي وزير سان پاڪستاني عوام جي جذبن جو اظهار ڪيو.شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ لبيڪ گستاخ خاڪن تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، الله جو ڪرم ٿي ويو ته معاملو ٽري ويو، هاڻي اپيل آهي ته احتجاجي قافلو پرامن طور منتشر ڪيو وڃي. جنهن بعد هالينڊ پاران گستاخ خاڪن وارو مقابلو رد ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان اسلام آباد ۾ ڪيل احتجاجي مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته هالينڊ ۾ گستاخ خاڪن جي مقابلي کي رد ڪرڻ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي وڏي ڪاميابي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے