18 اتوار , نومبر 2018

يوگا بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ فائديمند

Yoga blood pressure-resistant patientsونٽاريو(ويب ڊيسڪ) هڪ سروي بعد ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته بلڊ پريشر جا مريض جيڪڏهن دوا وپرائڻ بجاءِ تي يوگا جون مشقون انجام ڏين تڏهن به دوا وپرائڻ جيترو فائدو ٿيندو آهي. يورپ جي دل جي بيمارين واري تنظيم جي هڪ ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالي ۾ چيو ويو آهي ته باقاعدا يوگا سان بلڊ پريشر کي بنهه دوائن جيان ظابطي ۾ رکي سگهجي ٿو. ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روزاني رڳو 15 منٽ يوگا ۽ سائنس جي مشقن سان بلڊ پريشر ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. ان تحقيقي سروي ۾ 60 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو. ان ۾ شريڪ ٿيندڙن کي سندس مرضي موجب، ڊگهي ساهه واريون مشقون، سڪون ۽ آسن، شروعاتي يوگا پوزيشن يا رڳو جسم کي ڇڪڻ جو ورزشو ڪرايون ويون. ان ۾ يوگا ڪندڙ گروپ جي ماڻهن جي بلڊ پريشر ۾ ڏهه سيڪڙو گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان تحقيق کي هڪ 16 ورهين جي شاگرد اشوڪ پانڊي اسڪول پروجيڪٽ طور تي انجام ڏنو هو ۽ ان تي ٻڌل هڪ تحقيقي مقالو پڻ لکيو جنهن کي هن وقت تائين 30 هزار سائنسدانن پڙهيو جنهن بعد ۾ ڪينڊا ۽ جرمني ۾ ٿيندڙ دل جي بيمارين  وارين ڪانفرنس ۾ پڻ پيش ڪيو ويو. اشوڪ پانڊي چيو ته ڀارتي تهذيب ۾ صدين کان يوگا کي بلڊ پريشر بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو پر جديد دنيا ان کان اڻ ڄاڻ آهي. اشوڪ جو والد دل جي بيماري جو ماهر آهي ۽ اشوڪ کيس ٻڌايو ته يوگا بلڊ پريشر لاءِ جادوئي علاج جي حيثيت رکي ٿو . پهرين مطالعي جا اثر ايترا مثبت هئا جو هاڻ ايندڙ مرحلي ۾ اشوڪ لاول يونيورسٽي جي سهڪار سان وڌيڪ 500 ماڻهن تي يوگا بلڊ پريشر جي اثرن کي نوٽ ڪندو. يوگا ماهرن جو خيال آهي ته ڊگهو ساهه کڻڻ سان بلڊ پريشر تي فرق پوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوگر کان آگاهي جو عالمي ڏينهن، پوري دنيا ۾ 42 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو مرض جو شڪار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ شوگر کان آگاهي جو عالمي ڏينهن ملهايو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے