21 بدھ , نومبر 2018

ايپل جي نون آءِ  فون ماڊلن لاءِ رڳو 12 سپٽمبر تائين جو  انتظار ڪريو

Wait just for Apple's new iPhone phone to 12 Septemberڪراچي(ويب ڊيسڪ) گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ايپل طرفان نوان آءِ فون ماڊل متعارف ڪرائڻ جون خبرون اچي رهيون هو پر هاڻ ايپل ڪمپني ان جي حتمي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايپل 12 سپٽمبر تي ڪيو پراٽينو جي اسٽيو جوبز ٿيٽر ۾ خاص تقريب ڪوٺائيندي دعوت نامو پيش ڪيو آهي جنهن ۾ ٽه نوان آءِ فون ماڊل متعارف ڪرايا ويندا. امڪاني طور تي ايپل ڪمپني پنهنجي  اسپيشل ايونٽ ۾ 6.1 انچ آءِ فون 9، 5.8 انچ آءِ فون ايڪس ۽ 5.6 انچ آءِ فون ايڪس پلس پيش ڪندي. ان ۾ 5.8 ۽ 6.5 انچن واري آءِ فون ماڊلن ۾ او ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرين هوندي جنهن ۾ اڳ کان وڌيڪ A12 پروسيسر سان گڏ بهتر ڊوئل ڪيمرا فراهم ڪئي ويندي. انهن ٽنهي نون ماڊلن ۾ منهن جي سڃاڻپ واري ٽينالوجي فيس آءِ ڊي پڻ هوندي. انهن فونن جي قيمت هڪ هزار ڊالرن کان ڪنهن صورت ۾ به گهٽ نه هوندي. انکانسواءِ نيون  ايپل واچون،  نئين آءِ پيڊ، ايئر پاور ۽ نوان  ميڪبڪ پڻ متعارف ڪرايا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے