17 ہفتہ , نومبر 2018

وڻ: ماحولياتي نظام جي حياتي

وقار ايڇ حيدري

مان سڀ کان پهريان هڪ مشهور قول بيان ڪندس ”جڏهن ارادو ڪيو وڃي ته پوءِ رستا پاڻ ئي پيدا ٿيندا آهن“. جهڙي نموني اسان جي آباديءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي تهڙي نموني اسان کي وڌ ۾ وڌ وڻڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ضرورت ته ان کان اڳ به هُئي پر بدقمستيءَ سان هن شهر کي سياست تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ ٻين معاملن وانگر شهر ۾ وڻ ڪاريءَ جي معاملي تي به ڪنهن توجهه نه ڏنو.

مون کي  ياد آهي ته 80 ع جي ڏهاڪي ۾ وڻڪاريءَ جي حوالي سان مشهوري ماڻيندڙ خان صاحب مرحوم سخي حسن جي نالي جي ڪناري سان وڻڪاري ڪئي هُئي  جنهن ڪري سڄو علائقو تمام گهڻو خوبصورت لڳندو هو . پر پوءِ ڪيئي سالن بعد ڪنهن جي هدايت تي انهن سمورن وڻن کي وڍيو ويو ، ان وقت اهي ٻوٽا وڌي وڻ ٿي ويا هيا جن کي پاڻي ڏيڻ جي ضرورت به نه هُئي  ڇو جو اهي نالي جي ڪناري سان هيا تنهنڪري هو پنهنجو پاڻي اتان ئي حاصل ڪري وٺندا هيا، مون کي معلوم ناهي ته اهو ڪنهن ڪيو، ڪنهن جي حڪم تي ڪيو ۽ پوءِ ان خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟

مرحومه بينظير ڀٽو جي دور ۾ جڏهن آصف علي زرداري وزير چونڊيو ويو ته ان سڄي ملڪ ۾ وسيع پيئماني تي وڻڪاريءَ جي هدايت ڪئي ۽ فيڪٽري مالڪن کي به “ Go Green Policy”  تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو. پاڪستان اسٽيل مل پاران به وڻڪاريءَ جي مهم جو آغاز ڪيو ويو هو جنهن تحت اسٽيل مل کان وٺي جناح ايئرپورٽ تائين وڻڪاري ڪئي وئي هُئي، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهي سمورا وڻ آهستي آهستي غائب ٿي ويا جنهن لاءِ اختيارين جي غفلت ذميوار آهي.

ڪراچيءَ جي هڪ اڳوڻي ميئر نعمت الله خان شارح  فيصل تي کجين جا وڻ پوکرايا هيا جنهن سان شهر جو رستو ته خوبصورت لڳي رهيو هو پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهي به آهستي آهستي ختم ٿي ويا ۽ ڪافي عرصي بعد هاڻي ڪي ايڪڙ  ٻيڪڙ کجيءَ جا وڻ نظر ايندا جن جو انگ ڪو پنج سيڪڙو مس هوندو.

ان بعد هڪ ٻئي ميئر مصطفى ڪمال ڪراچي ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي ڪونو ڪارپس  ( Cornocarpus ) جا وڻ پوکرايا جنهن ڪري شهر جي روڊن جا بيلٽس ساوا نظر اچڻ لڳا. پر افسوس جو ڪنهن اهلڪار خاص ڪري هارٽيڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ڪنهن به ذميوار کيس ڪا تجويز نه ڏني ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ جتي پاڻيءَ جي بي حد ڪمي آهي، اتي ڪهڙي نموني وڻڪاري ڪرڻ گهرجي، جيڪا انهن جي بنيادي ذميواري هئي.

هڪ ڊگهي عرصي بعد اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته    ( Cornocarpus ) جا وڻ اسان جي ماحول کي تباهه ڪري رهيا آهن جڏهن ته اسان وٽ زير زمين پاڻيءَ جي سطح اڳ کان وڌيڪ هيٺ وڃي چڪي آهي. جنهن بعد انهن وڻڻ کي ڪٽڻ جو حڪم ڪيو ويو ۽ شارح فيصل تان انهن وڻن جي واڍي پڻ شروع ٿي وئي آهي. انهن وڻن جي ڪٽڻ بعد انهن جي جاءِ تي هاڻي ٻيا وڻ لڳايا ويندا. ڊي ايڇ اي به ڪجهه عرصو اڳ سموري ڊي ايڇ اي ۾ گرين بيلٽس قائم ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي کجين جا وڻ ٻيهر پوکڻ جي شروعات ڪئي هئي پر اتي به لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ هاڻي ڪٿي به اهي وڻ نظر نه پيا اچن.  هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته انهن وڻن تي خرچ ايندڙ رقم جيڪا اصل ۾ عوام جي رقم آهي ان جي نقصان جي ذميواري ڪنهن تي عائد ٿئي ٿي.

وڻن جي فائدي ۽ وڻڪاريءَ جي حوالي سان بهترين مثال دبئي جو آهي جتي گرين بيلٽس ٺاهيا ويا آهن ۽ وڏي انگ ۾ ٻوٽا ۽ وڻ پوکيا ويا آهن ۽ ان کان سواءِ هڪ ٿيم پارڪ به جوڙيو ويو آهي. اهو هڪ تمام وڏو ڪم آهي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ ريگستاني علائقي ۾ وڏي پيئماني تي وڻڪاري ڪئي وئي آهي جنهن ڪري هر طرف وڏي انگ ۾ وڻ ۽ هر طرف سرسبز زمين ۽ گُل ٻوٽا نظر اچي رهيا آهن. دبئي ۾ ٿيل اهڙي وڻڪاري ڪري اتي جي ماحول ۾ پڻ تبديلي اچي وئي آهي. اها ڳالهه انهيءَ ڏس ۾ واضع ثبوت آهي ته اوهان وٽ جيڪو ڪجهه ڪرڻ جو عزم آهي ته اوهان اهو ڪري سگهو ٿا”. ته ڇا؟ اها ڳالهه تعجب جهڙي نه آهي ته اسان کي انهيءَ ڳالهه جي خبر به آهي پر اسان تنهن هوندي به ان تي عمل نه پيا ڪريون ۽ نقصان برداشت ڪري رهيا آهيو.

اسان وٽ هڪ ٻيو مثال ڪلفٽن بورڊ ڪراچي جو آهي، جنهن ماضي ۾ ڊفينس جي تمام گهڻن گهرن ۾ مفت ٻوٽا ورهايا هئا، جنهن جو مقصد وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ هو، جيئن گرمي جي موسم ۾ شديد گرمي جي لهر تي ضابطو آڻي سگهجي پر شايد انهن کي ان ڳالهه جو اندازو نه هو ته ان علائقي ۾ پاڻي جي ڪيتري حد تائين شديد کوٽ آهي، وڌيڪ اهو ته هنن ٻوٽن جي فراهمي جو سلسلو جاري رکيو ۽ اهو  محسوس نه ڪيو ته پهرين هتي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ پوءِ ڊفينس جي ماڻهن کي ٻوٽا پوکڻ جو طريقو ٻڌايو وڃي، اهڙي ريت سي بي سي به پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ ان جون سموريون ڪوششون بيڪار ويون.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي ۽ سائنسي طريقيڪار مطابق وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ جي مهم شروع ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ آئون هتي ڪجهه تجويزون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو پر ان کان اڳ اهو چوڻ ضروري آهي ته هڪ احتساب بورڊ قائم ڪيو وڃي، جيڪو ان ڳالهه تي نظر رکي ته ڪٿي عوام جا پئسا غلط طور تي ته خرچ نه ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سفيد ڪالر جي ڏوهن جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي.

ڪجهه ڪارائتيون تجويزون

1) هارٽي ڪلچر ڊپارٽمينٽ کي هي ذميواري سونپي وڃي ته اهو شهرن جي موسمي حالتن جي مطابق ٻوٽن جي چونڊ ڪري.

2) مختلف هنڌن تي سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا وڃن ۽ نيڪال واري پاڻيءَ کي کُلي سامونڊي ڍنڍن تائين پهچايو وڃي، حقيقت اها آهي ته سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ مان حاصل ٿيندڙ پاڻي آبپاشيءَ جي استعمال لاءِ بهترين آهي، هڪ وڏو مثال اهو آهي ته ڪراچي ۾  لکين گيلن ۾ سيوريج جو پاڻي ٽريٽمينٽ کانسواءِ سمنڊ ۾ وهايو ويندوآهي ۽ جيڪڏهن اسان ڪراچي ۾ وڻڪاري لاءِ مختلف جاين تي اهڙا ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايون ته منهنجي خيال ۾ ايئن ڪرڻ سان تمام گهٽ عرصي ۾ شهر جو منظر ئي تبديل ٿي ويندو ۽ اسان جو سمنڊ به گندي پاڻي کان محفوظ رهندو، ان کانسواءِ ڪراچي جي شهرين کي ٻوٽا پوکڻ لاءِ گهٽ قيمت ۾ صاف پاڻي ملي سگهندو.

3) الله جي فضل سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه موجود آهي، قدرت اسان کي هر موسم جي ميون، سبزين ۽ ٻئي اناج سان نوازيو آهي، جيڪڏهن اسان عوام جي حوصلا افزائي ڪريون ته اهو مختلف طرح جي جنسن جي استعمال کانپوءِ ان جي ٻجن کي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائڻ بدران محفوظ رکن ۽ بلديه کاتو اهو ٻج گهرن، دوڪانن ۽ مارڪيٽن مان جمع ڪري ۽ ان کي هيليڪاپٽر ذريعي اهڙين جاين تي اڇلائي پکيڙي جتي ڪا به وڻڪاري نٿي ڪئي وڃي ته ڪجهه سالن ۾ ئي جهنگ جا جهنگ نظر ايندا.

ان ڪري تعليمي ادارن ۾ به وڻن جي اهميت بابت ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي عوام لاءِ به آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي.

سياسي گندگي ته گهڻو ڪجهه برباد ڪيو آهي پر هاڻي اسان پاڻ هڪ ٿي ان کي عملي جامعو پارائي سگهون ٿا ته جيئن اسان جو ملڪ سرسبز ۽ شاداب ٿي سگهي، اهڙو قانون ٺاهيو وڃي ته جيئن ڪنهن کي به بنا سبب وڻ ڪٽڻ جي اجازت نه هجي ۽ اسانجي ملڪ جي خوبصورتي جي نظام کي تباهه ڪندڙن خلاف سخت سزا مقرر ڪئي وڃي.

آخري ڳالهه اها ته اهڙن ٻوٽن جي چونڊ ڪئي وڃي جيڪي انسان دوست هجن.

يقين ڪريو ”جڏهن ارادو هوندو آهي ته رستو پاڻ ئي نڪري ايندو آهي“ .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے