17 ہفتہ , نومبر 2018

بني گالا کان پي ايم هائوس تائين فضائي پرواز

منان چانڊيو

نئين پاڪستان جي نئين باني ۽ پهريون ڀيرو پرائم منسٽر هائوس تي قدم مبارڪ رکندڙ ڪپتان صاحب 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊون کٽڻ، وزير اعظم نامزد ٿيڻ، وزير اعظم جي عهدي ماڻڻ لاءِ گهربل ووٽ حاصل ڪرڻ، حلف کڻڻ ۽ پهريون ڀيرو پاڪستاني قوم جنهن کي مان قومون يا عوام چوان ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو.

مٿي ڄاڻايل موقعن تي ڪپتان صاحب جيڪي به تقريرون ۽ خطاب يا پريس ڪانفرنسون ڪيون انهن سڀني ۾ هن صاحب پاڻ لاءِ سرڪاري پروٽوڪول گهٽ وٺڻ، سرڪاري تقريبن ۾ کاڌ خوارڪ وارن مامرن ۾ ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ، سفر سواري لاءِ گاڏين جو گهٽ استعمال ڪرڻ، سادي سودي رهائش ۾ رهڻ وغيره تي وڏي شد مد سان زور ڏنو هيو. سندس اهڙن فرمودن تي هڪ طرف واهواهه ٿي رهي هئي ته ٻئي پاسي وري اها توقع ڪئي پئي وئي ته بس اجهو خان صاحب پاڪستان جو مهاتير محمد، ليڪوان ليو، هوگو شاويز وغيره بڻجي ملڪي ماڻهن جيڪي ستر سالن کان وٺي قومي، طبقاتي، معاشي، ثقافتي توڙي مذهبي فرقي پرستي جي ٻه پڙي جنڊ ۾ ان جي داڻي وانگر پيسجي رهيا آهن انهن تان سمورن مسئلن ۽ مشڪلاتن جون مصيبتون هڪ لحظي اندر لاهي ڇڏيندو !

خان صاحب کي پنهنجي حڪومتي ٽيم جي ڪپتاني سنڀاليندي اڃا ڪجهه هفتا مس گذريا آهن، انڪري کانئس نااميد يا بيزار نه ٿيڻ گهرجي. پر عام چوڻي آهي ته جنهن اڀرندي شعاع نه ڪيو اهو لهندي ڪهڙي روشني ڏيندو. بهرحال همراهه بابت گذريل ڏينهن وارين اخبارن ۾ ڏاڍيون دلچسپ ۽ انوکيون خبرون شايع ٿيون آهن. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، وزير اعظم عمران خان، وزير اعظم هائوس کان پنهنجي ذاتي جنت نما محل بني گالا اچڻ وڃڻ لاءِ سرڪاري هيليڪاپٽر تي سوار ٿي سفر جي سهوليتن مان فيضياب ٿي رهيو آهي. هن جي اهڙي شاهاڻي سفر تي مختلف سوالن، جوابن ۽ تبصرن جا ڌوڙيا ٿي ويا آهن.

جتي عوام جي ڪجهه حصي پاران ڪپتان تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي اتي وري تحريڪ انصافي وزيرن، ڪبيرن ۽ صلاحڪارن صاحب موصوف جي حق ۾ عجيب و غريب ڳالهيون ڪرڻ يا دليل بازي جي ڌم مچائي ڏني آهي. هر هڪ ڌر ۽ فرد پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ عقل موجب خيالن جا واهڙ وهائي رهي آهي. مثال طور تي عمران خان جا نقاد چون ٿا ته هن خود جيڪا وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي جي بشارت ڏني هئي، ان جي هو ابتڙ عمل ڪري رهيو آهي. جڏهن ته وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ سندس سنگت چوي ٿي ته ڇا ملڪ جو وزير اعظم عام ٽيڪسي ۾ سوار ٿي اچي وڃي؟ ٻي مزي جي ڳالهه اها به ٻڌائي رهيا آهن ته هيليڪاپٽر جو خرچ پنجاهه کان پنجونجاهه روپيه في ڪلوميٽر آهي. هنن همراهن اهو به ارشاد فرمايو آهي ته خان صاحب هيليڪاپٽر ان لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ته جيئن باءِ روڊ هن جي اچ وڃ دوران خلق خداءِ پريشاني کان بچي سگهي. هتي اسان جڏهن وي آءِ پي پروٽوڪول واري مامري تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيا آهيون ته اتي اهو به ٻڌائيندا هلون ته پنجاب جي وزير اعليٰ عثمان بوزدار کي هڪ سرڪاري اسپتال جي وزٽ دوران ايڏو ته سخت پروٽوڪول ڏنو ويو جو هڪ سيرس ٻارڙو ايمرجنسي وارڊ تائين پهچي ڪونه سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ اهو ابهم ٻارڙو خدا کي پيارو ٿي ويو.

اسان ان بحث ۾ الجهڻ ڪونه ٿا چاهيون ته نئين پاڪستان جو نئون وزير اعظم پنهنجي گهر کان پي ايم هائوس تائين عوامي خدمت جا فرائض سرانجام ڏيڻ لاءِ فضا مان پرواز ڪري يا روڊ رستي. نه وري اها جسارت ڪريون ٿا ته هو سرڪاري خزاني مان روز جي اچ وڃ لاءِ ٻه لک روپيه روڪڙا اڏائي ڇڏي. پر صرف اهو عرض ٿا ڪريون ته پاڪستان جهڙي اسلامي جمهوريه مملڪت جيڪا خيرن سان پوري اسلامي دنيا جي پهرين ۽ واحد ائٽمي قوت رکندڙ رياست آهي. ان جو چيف ايگزيڪيوٽو غير سنجيده ۽ عمل نه ٿيڻ جهڙيون ڳالهيون ڪري وزير اعظم جهڙي اهم عهدي جو ڀرم ڀورا ڀورا ڪري رهيو آهي.

ڪپتان صاحب ۽ سندس برجستي ۽ تجربيڪار حڪومتي ٽيم کي اهو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف جي بادشاهي هاڻي بني گالا تائين محدود ڪونه رهي آهي نه وري عمران خان تحريڪ انصاف جو سربراهه آهي پر اصل ڳالهه اها آهي ته تحريڪ انصاف ملڪ جي حڪمران پارٽي ۽ ان جو سربراهه 22 ڪروڙ پاڪستاني عوام جو وزير اعظم آهي، تنهن ڪري هن جو هڪ هڪ لفظ وڏي اهميت، معنيٰ ۽ مفهوم رکي ٿو. ڇو ته ان جي گفتن کي ملڪي توڙي غير ملڪي ميڊيا وڏي ڌام ڌوم سان پنهنجي پنهنجي نظر سان ڏسندي، لکندي ۽ نشر ڪندي ان مان نتيجا اخذ ڪندي.

هونئن ته هر هڪ انسان پوءِ اهو امير هجي يا غريب ان جو پنهنجي پنهنجي مزاج مطابق ڳالهائڻ، هلڻ ۽ کائڻ، پيئڻ جو ڍنگ هوندو آهي. هو انهن شين کي پنهنجي پنهنجي ذاتي پسند يا ذائقي موجب استعمال ڪرڻ جو قانوني ۽ اخلاقي حق رکن ٿا. پر جڏهن اهي ڪنهن به ننڍي يا وڏي عهدي تي فائز ٿين ٿا ته پوءِ انهن لاءِ ڪيترا ئي قاعدا قانون ۽ ماپا معيار مقرر ٿيل هوندا آهن جن جي دائري ۾ رهي پنهنجي بهترين صلاحيتن جي آڌار تي پنهنجو پاڻ کي فرض شناس ۽ پنهنجي منصب يا کاتي کي ملڪ ۽ عوام دوست بنائي سگهي ٿو.

چوڻ جو مطلب ته عمران خان جڏهن کان ملڪ جون واڳون سنڀاليون آهن ته هن جي هڪ هڪ وک، هڪ هڪ لفظ ڳالهائڻ ۽ هلڻ جي لوڏ کان ويندي ڪپڙن جي ذزائين تائين تي بحث مباحثا شروع ٿي ويا آهن. اهو ئي سبب هيو ته جنهن وقت عمران خان وزير اعظم جو حلف کڻندي هٻڪي رهيو هو يا تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ سان ٿي رهي هئي ته عمران خان جو ان ڏانهن متوجه نه ٿيڻ هٿ جي چيچ ۾ پيل منڊي کي هيٺ مٿي ڪرڻ يا وري عهدو سنڀالڻ کان پوءِ گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪرڻ وقت ڪهڙي انداز ۾ هلي ۽ ڏسي رهيو هو. اهي سڀ جون سڀ هن جي ذهني ڪيفيت واريون شيون ميڊيا نوٽ ڪري رهي هئي.

پاڻ اهو ڪونه ٿا چاهيون ته وزير اعظم عمران خان پنهنجي گهر کان وزير اعظم هائوس تائين ڪنهن کٽارا بس يا ڇڪڙي ۾ سوار ٿي اچي ۽ اهو به ڪونه چئون ته هو ٻن ملازمن کي ساڻ ڪري سرڪاري ذميواريون ادا ڪري نه وري اها ڳالهه ڪريون ٿا ته ملڪ جو وزير اعظم، وزير اعظم هائوس بدران ٻي ڪنهن بنيادي سهوليتن کان وانجهيل جڳهه ۾ رهائش اختيار ڪري. اسان ان خيال جا آهيون ته اهڙن بحثن يا هوائي توائي مامرن ۾ الجهي وقت ضايع نه ڪيو وڃي، مگر گهٽ ۾ گهٽ عمران خان ۽ هن جي سياسي سنگت ساٿ کي اهو به گهري سوچ ۽ نقطي نگاهه کان ڏسڻ ۽ سوچڻ گهرجي ته هو اهي ڳالهيون يا فرمودا فرمائن جن تي عمل ڪري سگهجي. باقي هروڀرو نمائشي ۽ وقتي سڪون حاصل ڪرڻ واريون ٿيوريز ڏئي عوام کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون نه ڪن. ڇو ته اهڙين ڳالهين ۽ عملن سان حڪومتي ڪارڪردگي ۽ خود ڪپتان صاحب جي شخصيت تي منفي اثر پوندو.

نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها به آهي ته خان صاحب اقتداري سيج تائين ڪيئن ۽ ڪنهن جي سهاري رسيو آهي؟ ان تي به ڪيترا ئي بحث مباحثا ٿي رهيا آهن ۽ پڻ تحفظات ظاهر ڪيا پيا وڃن. مگر اها به حقيقت آهي ته ماضيءَ جي ٻن روايتي پارٽين جي حڪومتي ڪارهنوار کان مايوس ٿي ملڪي ماڻهن جي هڪ چڱي خاصي تعداد جن ۾ نوجوانن جي اهم پارٽنرشپ آهي انهن عمران خان تي اعتماد ڪيو آهي. ان اعتماد کي جيڪڏهن هن ڀيري ٽوڙيو ويو ته پوءِ شايد آئينده لاءِ ووٽر پنهنجي گهر کان نڪرڻ گوارا ئي نه ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے