17 ہفتہ , نومبر 2018

اوھين ڪيڏا ڏور ھليا ويا آھيو !

سيد پير شاهه جيلاني

دنيا ۾ ڪجهھ اھڙا رشتا موجود آهن جن جي ھجڻ سان دنيا ڏاڍي خوبصورت لڳندي آهي جڏهن اھي اوچتو ئي اوچتو وڇڙي ويندا آهن ته انهن جي نه ھئڻ جو احساس ڏاڍو بيچين ڪندو اُهي. تڙپائندو آهي وجود جي هستي ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندي آهي خوشيون. سڪون.  آرام. چئين سڀ جا سڀ ختم ٿي ويندا آهن. اکين مان وھندڙ لڙڪن کان سواءِ ڪجهھ به ناهي رھندو. بقول شيخ اياز جي.

سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سواءِ نه ٿيندي.

اچين ته منهنجي اماس ۾ آ. ڇو ته ٻي رات ڪانه ٿيندي.

ڪڏهن به توتي دوار دل جا نه ٻوٽبا. تون ڀلي ھلي آ.

ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چئين آجيان نه ٿيندي.

اھا 21 آگسٽ جي بدنصيب رات هئي جڏهن اسان پنهنجن رشتيدارن جي دعوت مان واپس گهر اچي رھيا ھئاسين، ان رات رستي ۾ ھلڪي ھلڪي ھوا ھلي رھي ھئي. اڌ رستي ۾ کِنوڻ پنهنجي موج مستي ۾ ھئي. بسمه شاھ ۽ اقراء شاھ سڀني کان اڳيان دنيا کان بي خبر پنهنجن مستين ۾ مگن ھيون اوچتو ھڪ کِنوڻ پنهنجن تجلين سان بسمه شاھ جي پيرن ۾ ڪري واپس آسمان طرف ھلي  وئي. اھو منظر پويان ايندڙ سڀني گهر وارن پنهنجن اکين سان ڏٺو ته پريشان ٿي ويا ھئا. ان کان پوءِ ٿوري دير ۾ ھلڪي. ھلڪي برسات شروع ٿيڻ لڳي اسان پنهنجي علائقي  پراڻو گوليمار وٽ پھچي گهر پھچڻ وارا هئاسين ته رستي ۾ بجلي جي تار ڪري پئي ھئي جنهن جي اسان کي ڪا خبر نه ھئي سڀني کان اڳيان اقراء شاھ ۽ بسمه شاھ ھيون جنهن ڪري ان بجلي جي تار جي اقراء  شاھ لپيٽ ۾ اچي وئي ان کان پوء بسمه شاھ ان جي امڙ ان تار جي لپيٽ اچي ويون. وڏي ڪوشش کان پوءِ انهن کي بجلي جي تار مان آجو ڪرايو ويو بيھوشي جي حالت هيٺ کين شديد برسات  ۽ تيز ھوا ۾ سول اسپتال ڪراچي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پھچايو ويو جتي اڌ رستي ۾ منهنجي گلاب جي گل جھڙي بسمه شاھ شھيد ٿي چڪي ھئي. شديد زخمي ۽ مسلسل بيھوش اقراء شاھ جي زندگي بچائڻ لاء ڊاڪٽر مسلسل ڪوشش ڪري رھيا ھئا. ڪيترن ڪلاڪن کان پوء اقراء شاھ ھوش ۾ آئي. ان وقت اسان نيم بيھوشي ۾ ھئاسين. منهنجي گهر واري بار بار بيھوش ٿي رھي ھئي. اسان لاء قيامت جو منظر ھو آھون. دانھون سڏڪا. روئڻ ۽ پٽڻ اسان جو مقدر بڻجي چڪو ھو. اسان جي شھزادي بسمه شاھ شھيد اسان کان ھميشه لاء موڪلائي چڪي ھئي. هاڻ فقط سندس يادن جا انمول خزانه اسان جي ٽٽي ويل وجود جو حصو بڻجي ويون آهن. جيڪي اسان کي ڏاڍو بيچين ڪنديون آهن. شھيد بسمه شاھ پنهنجي شھادت کان ٻه ڏينهن پھرين رات جو پنهنجي امڙ سان عجيب ڳالهيون ڪري رھي  ھئي. ان رات آئون دڙي شھر ۾ ڪنهن رشتيدار جي وفات تي ويل ھوس. ان رات خوب پنهنجي امڙ سان ڪچھري ڪيائين شھيد بسمه شاھ جا پڇيل ڪجهھ سوال .

1 عبدالواھاب جي ماءُ وفات ڪري وئي آهي. ھاڻي ان جو ڇا ٿيندو ۽ ڪيئن جيئندو ؟.

2 جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري ويندو آهي اھو جنت ۾ ڪيئن ويندو؟.

3 قبر ۾ ملائڪ پڇا ڪندڙ ڪھڙا ھوندا خوف وارا ھوندا يا وري سٺا ھوندا ؟.

4 جيڪڏهن آئون جنت ۾ وڃڻ چاھيان ته  ان لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو. ڇا مون کي ٽيبليٽ موبائيل فون به ملندو.  مون جيڪو ٻه ھفتا شھادت کان پھرين کيس وٺي ڏنو ھو. مون بدنصيب سان بيحد محبت ۽ پيار ڪندڙ شھيد بسمه شاھ جيلاني آئون جڏهن به آفيس يا وري ٻئي ڪنهن ڪم ڪار سان واپس گهر ۾ داخل ٿيندو هوس، پاڻ پاڻي جو گلاس گيٽ وٽ کڻيو بيٺي ھوندي ھئي. مون سان ھٿ ملائي منهنجا ھٿ چمي پنهنجن اکين تي رکندي ھئي. شھيد بسمه شاھ جي وڇوڙي کان پوء منهنجو  وجود خوشين کان کالي ٿي ويو آهي. ھر ڏينهن ۽ رات سندس يادن کان سواِء گذري آهي، اھو ڪڏهن ٿي سگهي ٿو.

بسمه شھيد راڻي توکي خبر آهي. تون جنهن نانا ڊاڪٽر خيرمحمد جو ڻو سان ملڻ لاء ضد ڪندي ھئين. ان سان زندگي ۾ تنهنجي ملاقات نه ٿي سگهي ھئي پر اھو تنهنجي وفات تي منهنجي فون ڪرڻ  کان پوء جلدي سول اسپتال پھچي. تنهنجي ميت سان پنهنجي گهر پراڻو گوليمار اچي تنهنجي امڙ  کي پنهنجي پي ھئڻ جو احساس  ڏياريندي مٿي تي ھٿ رکي ان جا وھندڙ لڙڪ اگھي پنهنجي ھئڻ جو ثبوت ڏنو ھو. ۽ ان  صدمي ۾ ان ڏينهن فقط 4 ڪلاڪن کان پوءِ هو پاڻ به وفات ڪري ويو. جنهن جي وڇوڙي کان پوء آئون ھاڻي  بلڪل اڪيلو ٿي ويو آھيان.

بابا سائين پير مريد علي شاھ جيلاني جي وفات کان پوءِ بسمه شاھ تنهنجو ۽ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جو وڇوڙو ڄڻ اسان جي دنيا اجڙي وئي آهي. بسمه شاھ تو کي خبر آهي تنهنجي امڙ اڌ رات جو ڇرڪ ڀري رڙيون ڪري تو کي سڏ ڪندي آهي. اڄ به بيمار ۽ زخمي ٿيل اقراء ۽ زرقا. منصور ڪيڏو تو کي ياد ڪندي روئندا آهن. ان وقت آئون پنهنجو پاڻ کي سڀاليان يا وري انهن کي سڀاليان. بسـمه شاھ تون پريشان نه ٿجان مون کي سھارو ڏيڻ لاءِ اقراءِ ذميواري کنئي آهي. منهنجي پياري مٺڙي بسمه شاھ مون کان ڪا غلطي ٿي ھجي ته معاف ڪجان. مون کي لڳي رھيو آهي  آئون تون وٽ جلد اچڻ وارو آھيان.

سچ پچ باڪردار ماڻهو پنهنجي شاندار تاريخ ٺاهي ويندا آهن. موت ته ھر انسان تي اچڻو آهي پر اھو موت جيڪو ھر اک کي آلو ڪري ۽ انهن اکين مان وھندڙ ھر ھڪ لڙڪ ڏک ۽ درد جي علامت بڻجي ھميشه لاءِ ڪنهن کي نه وسري سگهي انهيَ موت کي باڪمال موت چئي سگهجي ٿو. تاريخ ۾ ھزارين گم نام ماڻهو موت جي نظر ٿي چڪا آهن پر انهن کي ياد ڪرڻ وارو ڪو به ناهي تنهن ڪري مرڻ کان پوء ڪنهن کي ياد ڪري لڙڪ لاڙجن. سندس ياد روح کي بيچين ڪري. ھڪ احسان جاڳي پئي ان کي چئبو آهي ھميشه زنده رھندڙ باڪردار شخصيت جو مالڪ انسان. اھو ئي سبب آهي جو منهنجي محبوب. دلبر. من. پيارو دوست. ساٿي. منهنجي من جو محرم. مون ناچيز جي زندگي تي لکين احسان ڪندڙ منهنجو محسن منهنجو سائين پيارو ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب پنهنجي ذات ۾ ھڪ مھربان سٻاجھڙو ھر ڪنهن کي مشڪل وقت ۾ ڪم اچڻ وارو. ٻين جي ڏکن. تڪليفن. پريشانين کي پنهنجون تڪليفون سمجهڻ وارو انتھائي حسان طبيعت جو مالڪ. روزاني عوامي آواز اخبار جو مالڪ ھئڻ جي ناتي لاتعداد دوستن جو حلقو رکندڙ، اسان جي محبوب من ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب اسان کان ايئن مرڪي موڪلائي ھليو ويو آهي ڪا خبر ئي نه پئي.

21 آگسٽ 2017 جي رات 10:30 وڳي منهنجي پياري نياڻي بسمه شاھ رستي تي ڪريل بجلي جي تار جي لپيٽ اچي شھيد  ٿي چڪي ھئي ٻئي ڏينهن شھيد بسمه شاھ جي ميت تي يعني  22 آگسٽ جو ڏينهن جيڪو مون سان گڏ صبح 9 بجي کان وٺي 2 بجي منجھند تائين گڏ ھو شديد بارش ۾ اسان پراڻو  گوليمار ڪراچي مان شھيد بسمه شاھ جي ميت کڻي ٽنڊو  محمد خان جي مويا شھر لاء روانا ٿياسين ان وقت به ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب ۽ سائين الاهي بخش بڪڪ  اسان سان گڏ ھئا. مين  رستي تان ڊاڪٽر وارا اسان کان موڪلائي سڀاڻي مويا ۾اچڻ جو چئي روانا ٿا. ڊاڪٽر صاحب اسان کان موڪلائي سڌو پنهنجي آفيس عوامي  آواز روانو ٿيو. آفيس پھچي اسان جي محترم  دوست زرار پيرزادو کي منهنجي نياڻي سان پيش آيل واقعي جا تفصيل ٻڌائيندو رھيو. ان وقت بقول زرار صاحب جي سڀني دوستن کي فون ڪري تفصيل ٻڌائيندو رھيو. ان دوران کيس بچيني پيدا ٿي رھي ھئي. ان وقت زرار پيرزادي کي ڊاڪٽر جبار خٽڪ کي سڏڻ جو چئيائين. ان دوران کيس اسپتال پھچايو ويو جتي پاڻ مالڪ حقيقي سان ملي چڪو ھئو .

مون کي رات 12 بجي محترم سائين رحيم بخش لاکي صاحب ميسيج ڪري اعطلاع ڪيو.  آقراء شاھ جي شديد زخمي  ۽ مسلسل بيھوش ھئڻ ڪري آئون بدنصيب پنهنجي مھربان محسن پياري ساٿي جو آخري ديدار به نه ڪري سگهيس. جنهن جو مون کي ڏک زندگي ڀر ھميشه رھندو. بس منهنجا محبوب ”من“ مون کي ٻي خبر باھي پر مرڻ کان پوءِ تو سان گڏجڻ جون حسرتون  رھنديون.

(ڊاڪتر خير محمد جوڻي جي اڄ عوامي آواز آفيس ڪراچي ۾ ٿيندڙ ورسي پروگرام جي حوالي سان)

هي به ڏسي سگهو ٿا

ھندو برادريءَ جي ملڪيتن تي قبضا ۽ سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس.!! 

خادم رند پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے