21 بدھ , نومبر 2018

صدارتي چونڊ ۽ ضمير جا معاملا

علي محمد ميمڻ

سرهائي واري ڳالهه اها ته، تمام گهڻن انديشن ۽ خطرن جي باوجود ملڪ ۾ عام چونڊن  وارو عمل مڪمل ٿي ويو ۽ ملڪ جو ڪمزور جمهوري نظام خير ۽ خوبي سان لڳاتار پنهنجي ٽئين پنجن سالن واري مدي لاء ڪاميابي سان  اڳتي وکون وڌائي چڪو آهي ۽ هاڻي ملڪ جي جمهوريت پسندن کي صدر مملڪت جي چونڊ وارو عمل ڏسڻ ۽ سرهائي حاصل ڪرڻ جا موقعا پڻ ملڻ وارا  آهن.

بيشڪ ! ملڪ جي جمهوري سرشتي ۾ صدر مملڪت يقيني طور تي تمام اهم آئيني عهدو هئڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي جمهوري ۽ پارلياماني سرشتي کي رهنمائي مهيا ڪندڙ ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ سماجي استحڪام سان گڏوگڏ ملڪ جي آئين کي قرارداد پاڪستان ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1946ع واري  ملڪ جي پهرين آئين ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪيل جمهوري نظام جي خاڪي ۽ پيش ڪيل ۽ منظور ٿيل رهنما اصولن مطابق وفاقي مملڪت جي سگهارن بنيادن تحت هلائڻ لاء پنهنجيون سموريون صلاحيتون ۽ خدمتون نيڪ نيتي سان استعمال ڪرڻ جو پڻ اقرار هوندو آهي.

يقينن،  صدر مملڪت واري عهدي جي چونڊ لاء سمورن اسيمبلين جي ميمبرن کي پنهنجي ضمير  موجب فيصلو ڪرڻ جو آئيني ۽ قانوني طور تي حق حاصل آهي. اهو ئي وقت آهي ته سامهون موجود اميدوارن جي ڪردار، صلاحيت،  سياسي ۽ علمي ڪارڪردگي جانچڻ لازمي ۽ ملڪ جي آئين جي واقفيت ۽ حرمت جي حفاظت ڪندڙ شخصيت جي چونڊ ڪرڻ لاء پنهنجين سياسي جماعتن جي پابندين کان آجو ٿي ضمير موجب ئي فيصلو ڪرڻو آهي .

ملڪ جي مانائتي صدر جي چونڊ ضمير جي فيصلي تحت ڳجهي ووٽ ذريعي ئي ٿيڻي آهي ۽ اهو عهدو ماڻڻ لاء ملڪ جي قسمت ٽن طاقتور سياسي ڌرين پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار ،مشهور تحريڪي شخصيت بئريرسٽر اعتزاز احسن، حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي اميدوار، ڊاڪٽر عارف علوي، مسلم ليگ نواز ، متحدهه مجلس عمل۽ اتحادين جي اميدوار مولانا فضل الرحمان ۾مقابلو ٿي رهيو آهي. انهن اميدوارن جي حق ۾4 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جي سمورن ايوانن ۾ ڳجهي راء شماري ذريعي اسيمبلين جي معزز ميمبرن هٿان ووٽ وڌا ويندا.

يقينن، ملڪ جي صدر جو عهدو  ۽ ملڪ جي سربراهي ڪرڻ وارو آئيني مقام حاصل ڪرڻ ۽ انهي جي لاڳاپيل ذميوارين کي نڀائڻ  ڪا معمولي ڳالهه ناهي. صدر مملڪت جي چونڊ ۾ڳجهن ۽ ضمير جي فيصلي تحت ووٽ وجهڻ جي آئيني ۽ قانوني آزادي سبب هن ڀيري ڇرڪائيندڙ نتيجا اچڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، ظاهري طور تي  ووٽن جي حساب ۾ حڪمران اتحاد ۽ مخالف ڌر جي ووٽن ۾ گهڻو فرق واضح نه آهي، ٻئي پاسي جيڪڏهن ضمير جي ووٽن واري صورتحال تي غور ڪجي ٿو ته صدر مملڪت جي عهدي لاء ڪهڙو اميدوار وڌيڪ لائق ۽ موزون آهي ته اهو فيصلو ڪرڻ به مشڪل ناهي. سمورن اميدوارن جي ڪردار، صلاحيتن ۽ سوچ ۽ فڪر کان هر ڪنهن کي مڪمل واقفيت آهي . اهڙي چونڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ وزني اميدوار ۽ شاندار ۽ لاڀائتي شخصيت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي اهو فيصلو پارليامينٽ جي ايوانن ۾ معزز ميمبرن کي ئي ڪرڻو آهي.

ٻئي پاسي، ڇرڪائيندڙ خبرون آهن ته،  قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزير اعظم جي چونڊ جي موقعي تي تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ٿيل خاص گڏجاڻي ۾ عمران خان کي وزير اعظم ۽ اعتزاز احسن کي صدر مملڪت طور ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ٻنهي ڌرين ۾ اتفاق ڪيو ويو هو ،پر ڪنهن سبب ڪري انهي معاهدي جو لکت ۾ اعلان نه ڪيو ويو آهي .  اهڙي ريت،  هاڻي ان ڳالهه ۾ ڪو به راز باقي نه رهيو آهي ته بئريرسٽر اعتزاز احسن حڪومتي اتحاد ۽ مخالف ڌر جي اڪثر جماعتن جو اڻ اعلانيل گڏيل اميدوار آهي.جنهن کي  پاڪستان تحريڪ انصاف، پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز، عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان عوامي پارٽي، نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل)  طرفان پڻ اعتزاز احسن کي اڪثريتي ووٽ  ملڻ جي پڪ ٿيندي پئي وڃي .

يقينن، ملڪ جي جمهوري قوتن طرفان گڏيل صدارتي اميدوار جي چونڊ ڪرڻ ۾ گهڻا مفيد پاسا غور هيٺ آندا ويا هوندا ۽ خوشقسمتي سان جيڪڏهن منظر عام تي آيل اهي خبرون درست  آهن ۽ انهن جا اهڙي ريت نتيجا پڻ  صدارتي چونڊ ۾ اچن ٿا ۽ اعتزاز احسن ملڪ جو اتفاق راء حاصل ڪندڙ صدر مملڪت چونڊجي اچي ٿو ته  انهي فيصلي جي برڪت سان ملڪ جي جمهوري سرشتي کي پڻ اتفاق ۽ استحڪام حاصل ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي وچن: سنڌڙيءَ جا سڀ ٻار پڙهن

سدا حيات جلباڻي ننڍڙا ٻار اکين جو ٺار ۽ هيئين جو هار ٿين ٿا. ٻارڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے