14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڀٽ شاھ:  سي آءِ اي پوليس  جي ڪارروائي،  ڪچي  شراب جون بوتلون هٿ،چار ڄڻا گرفتار

Bhit Shah: Police action against drug seller*ڀٽ شاھ  ۽ ڀرپاسي ۾ سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪري 18 سئو شراب جون بوتلون هٿ ڪري چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

مٽياري ، هالا ۽ ڀٽ شاهه جي سي آءِ اي پوليس ايس ايس پي جي حڪم تي رحيم کوسو، غلام اصغر برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪچي شراب جي ڀٺي تي ڇاپو هنيو.

پوليس ڇاپي دوران  18 سئو ڪچي شراب جون بوتلون هٿ ڪري  چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس ڪارروائي دوران شراب تيار ڪرڻ جو سامان ، ڦر ٿيڪ ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪلون پڻ هٿ ڪري ورتيون آهن.

پوليس گرفتار جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے