15 جمعرات , نومبر 2018

ڀارت لوئر ڪلنئي ۽ پڪل ڊل پاور هائوسز تي پاڪستان جا اعتراض قبولي ورتا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت لوئر ڪلنئي ۽ پڪل ڊل پاور هائوسز تي پاڪستان جا اعتراض قبول ڪري ورتا آهن ۽ هاڻي پاڪستاني پاڻي ماهرن جو 2 رڪني وفد سيپٽمبر ۾ ڀارت جو دورو ڪندو. پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪميشن جي ٻن ڏينهن جي گڏيل ڳالهين ۾ پاڪستان مضبوط موقف پيش ڪيو ۽ لوئر ڪلنئي ۽ پڪل ڊل پاور هائوسز تي ڀارتي انڊس واٽر ڪميشن جي اختيارين سامهون اعتراض پيش ڪيا.  ذريعن موجب ڀارتي انڊس واٽر ڪميشن جي 9 رڪني وفد نئين دهلي روانگي کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل وزارتن سان رابطو ڪيو ۽ بعد ۾ وري گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. پڌرنامي تي صحيح واري تقريب ۾ ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا ۽ پاڪستاني واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پاڻي ماهرن جو 2 رڪني وفد سيپٽمبر ۾ ڀارت جو دورو ڪندو جنهن دوران ٻنهي تڪراري هائوسز جو معائنو ڪيو ويندو. پاڪستان جو موقف آهي ته ٻنهي رٿائن جي ڊيزائن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ طئي ٿيل 1960 جي انڊس واٽر ٽريٽي خلاف آهي. پاڪستان جو مطالبو هو ته پڪل ڊل بجلي گهر جي اونچائي پنج ميٽر گهٽ رکي وڃي ۽ سپل ويز جا گيٽ سمنڊ کان وڌيڪ 40 ميٽر بلند رکيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان سفارتخاني جو انچارج ٻيهر طلب، طاهر داوڙ جي قتل تي احتجاج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي پوليس جي ايس پي طاهر داوڙ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے