13 منگل , نومبر 2018

ڪراچي ۾ امن امان وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪراچي ۾ امن امان جي ماحول کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد خالد مقبول صديقي، فروغ نسيم، امين الحق، ڪنور نويد جميل، نسريل جليل ۽ وسيم اختر به شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات ۾ سياسي معاملن، صدارتي چونڊ، سنڌ  خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وزيراعظم ڪراچي ۽ حيدرآباد جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن خاطري ڪرائي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته شهر قائد ۾ عوام جي مسئلن جو مڪمل احساس آهي، ڪراچي جهڙي اهم شهر ۾ ڪجهه هنڌن تي بنيادي سهولتن جي کوٽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي ۽ استحڪام ۾ ڪراچي جو اهم ڪردار آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ امن امان جي فضا کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت هرممڪن سهڪار ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے