14 بدھ , نومبر 2018

پروگرام ”تکيون مٺيون ڳالهيون“

روهڙي ڪئنال ٻه هفتا بند رهيو ته لکين ايڪڙن تي اربين رپين جو فصل تباهه ٿي ويندو: ادريس راجپوت
سنڌ جي وحدت لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جو بيان ۽ جواب اهم آهي، ايم ڪيو ايم پنهنجي ڪمزوري لڪائڻ لاءِ وحدت کي نشانو بڻايو.
سنڌو درياءَ سان يتيم جهڙي حالت ڪئي پئي وڃي، سنڌو درياءَ نه هوندو ته پاڪستان به نه هوندو، سنڌي قوم به نه هوندي:
واپڊا چيئرمين رٽائر ٿئي پوءِ ڀلي ڪالاباغ ڊئم خلاف مضمون ڇپائي، عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”تکيون مٺيون ڳالهيون“ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر سان ڳالهيون
(ڪراچي رپورٽر) سنڌ جي نالي واري آبپاشي ماهر ادريس راجپوت چيو آهي ته سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ماهر ماڻهو نه هجڻ ڪري سنڌي جي پاڻي سسٽم کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي، سياست ان اداري مٿان حاوي هجڻ سبب جيڪي ڪم ڪرڻا آهن، يا جيڪي ڪم ٿيڻا هيا سي نه پيا ٿين. روهڙي ڪئنال جيڪڏهن 15 ڏينهن بند رهيو ته لکين ايڪڙ زمين تي تيار ۽ اڌ تيار فصل تباهه ٿي ويندو. عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”تکيون مٺيون ڳالهيون“ جي ميزبان ڊاڪٽر قاسم راڄپر ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ سان ڳالهائيندي مسٽرادريس راجپوت چيوته 1932ع ۾ انگريزن جي دور ۾ موري ڀرسان ڦل شهر ويجهو ”ڦل ريگيوليٽر“ ٺهيو هو. جنهن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري ريگيوليٽر جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ آبپاشي سسٽم جي مختلف حصن جي پاڻي بنديءَ وارن ڏينهن ۾ مرمت ڪئي ويندي آهي، جنهن جي مرمت نه ٿيڻ سبب ريگيوليٽر سان اهو حشر ٿيو آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته جي 15 ڏينهن ۾ پاڻي بند ٿيڻ جي باوجود اهو مرمت جو ڪم نه ٿي سگهيو ته پوءِ فصلن کي ڪيترو نقصان پهچندو. هن چيو ته روهڙي جو پاڻي سنڌ جي 26 لک ايڪڙن تائين پاڻي پهچائي ٿو، جتي هاڻي فصل تيار ۽ اڌ تيار آهي، اهو ضروري ناهي ته ريگيوليٽر جي مرمت جو ڪم ٻن هفتن ۾ پورو ٿي سگهي، ڇوته پاڻي هيٺ لهڻ سان ئي ڀتين ۽ ريگيوليٽر جي حالت ۽ ٿيل نقصان جي خبر پئجي سگهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آبپاشي کاتي ۾ ماهر ماڻهو آهن ئي ڪونه، جيڪي آهن ته انهن جي هٿ ۾ ڪوبه اختيار ڪونهي. هن وقت آبپاشي کاتي کي سياسي ماڻهو هلائي رهيا آهن. سياسي مداخلت سبب آبپاشي نظام کي هٿ وٺي تباه ڪيو ويو آهي.صحيح نموني سان نگراني نه ٿيڻ ڪري اهو مسئلو پيدا ٿيو آهي. ريگيوليٽر جي مرمت لاءِ هر سال بجيٽ مقرر ڪئي ويندي آهي، مرمت جو ڪم ڊسمبر ۾ پورو ٿيڻو هو،پر عملي جي لاپرواهي سبب اهو اڃا تائين پورو ناهي ٿيو.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته واپڊا جي چيئرمين کي سرڪاري عهدي ۾ رهندي ”ڪالاباغ ڊئم“ جي حمايت ۾ مضمون لکڻ نه گهرجن، هو رٽائر ٿي پوءِ لکي. پروگرام ۾ ڳالهائيندي تجزيو ڪندڙن چيو ته سنڌسرڪار جي غلط پاليسين سڄي سنڌو درياءَ کي يتيم ڪري ڇڏيو آهي.پنج درجا پاس ۽ هڪ ڀڳوڙي کي آبپاشي کاتي جا اختيار ڏنا ويا آهن، جنهن کي سنڌ جي زراعت ۽ درياءَجي اهميت بابت ڪابه خبر نه آهي. ايم ڪيو ايم جي سنڌ ٽوڙڻ واري مطالبي تي هنن چيو ته پاڻي جي مسئلي تي ايم ڪيو ايم هميشه سياست ڪئي آهي. جڏهن پاڻ ڪراچي جا بادشاهه هيا، ماضي ۾ اهي کاتا ايم ڪيو ايم وٽ هئا، ان جي باوجود ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل نه ڪري سگهيا. پاڻي جي مسئلي تي ايم ڪيو ايم ڌار صوبي جي اجايو واويلا ڪري رهي آهي. هنن ”لکين قربانين وسيلي ملڪ ٺاهڻ “ واري اصطلاح تي تبصرو ڪندي چيو ته، وقت اچي ويو آهي ته ٻن مان هڪ کي غلط چئجي. هڪ پاسي اها ڳالهه آهي ، جنهن ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جنهن پاڪستان ٺاهيو، تنهن هر ڀيري اها ڳالهه ڪئي هئي ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي رت جو هڪ ڦڙو وهائڻ کان سواءِ هي ملڪ ٺاهيو ويو هو. ٻئي پاسي اهي جڙتو اصطلاح آهن جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ميڊيا ڪتب آڻيندي رهي آهي. هنن چيو ته سيد قائم علي شاهه کين مناسب ۽ تُز جواب ڏنو آهي، پر وڏي وزير کي به اها ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ته ”فلاڻا علائقا فلاڻن جا ۽ فلاڻا ايم ڪيو ايم جا آهن“. هنن چيو ته پوءِ هرهڪ جا علائقا ڳڻائڻا پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڳاڙهو: چيرمين جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙ شهرين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

ڳاڙهي ۾ گهارو ٽائون ڪميٽي چيرمين جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙ سنڌ ترقي پسند پارٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے