21 بدھ , نومبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻ سيد صلاح الدين جي پٽ کي گرفتار ڪيو ويو

The son of Hariata leader, Syed Saladin, was arrested in Wall Streetسرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارت والاريل ڪشمير ۾ حزب المجاهدين جي سربراهه سيد صلاح الدين جي پٽ سيد شڪيل کي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي جاچ اداري ۽ فوج والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر جي علائقي رام باغ  ۾ رهندڙ سيد صلاح الدين جي پٽ سيد شڪيل کي سندس گهر مان گرفتار ڪري ورتو. جاچ اداري اين آءِ اي سيد شڪيل کي 2011 جي دهشتگردي فنڊنگ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، گرفتار شڪيل شير ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ ملازم آهي. واضح رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڀارتي جاچ اداري سيد صلاح الدين جي وڏي پٽ سيد شاهد يوسف کي ان ئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب خاشقجي جي قتل بابت سي آءِ اي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي بابت سي آءِ اي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے