13 منگل , نومبر 2018

صدر ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: عارف علوي

لاهور(ويب ڊيسڪ) صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته اميد آهي ته صدارتي چونڊون واضح اڪثريت سان کٽينداسين، صدر ڪيترائي مسئلا حل ڪرائڻ ۾  ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ حڪومت کي اصل دهشتگرد گرفتار ڪرڻ جي فرصت نه هئي. حڪومت اسد عمر ۽ مون سميت ڪيترن ئي اڳواڻن تي ڪيس بڻايا. هن چيو ته پاڻي سميت ٻيا مسئلا رڳو هڪ شهر جو ناهي پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، اميد آهي ته صدارتي چونڊون واضح اڪثريت سان کٽينداسين. صدر ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگجي ٿو. عارف علوي جو چوڻ هو ته پروٽوڪول جي خاتمي لاءِ اسان کي گهڻيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، 100 ڏينهن ۾ مسئلا حل نه ڪري سگهياسين ته رستو ڳولهي وٺنداسين. 100 ڏينهن ۾ عوام کي به يقين اچي ويندو درست قطار ۾ وڃي رهيا آهيون.  هن چيو ته صدر ملڪ ۾ ٻڌي پيدا ڪندو آهي، پارٽي ۾ ننڍا ننڍا مسئلا هوندا آهن جيڪي ختم به ٿي ويندا آهن. سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي سان به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے