17 ہفتہ , نومبر 2018

وفاقي حڪومت جو وزير اعظم هائوس جون واڌو گاڏيون فوري نيلام ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت وزير اعظم هائوس جي اضافي گاڏيون نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب وزير اعظم ڪفايت شعاري پاليسي جي تحت واڌو گاڏين جي نيلامي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جنهن بعد گڏيل طور تي 33 گاڏيون نيلام ڪرڻ جي لاءِ اشتهاري جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيلامي لاءِ پيش گاڏين ۾ 8 جديد لگزري بي ايم ڊبليو ۽ 4 جديد مرسيڊيز بينز گاڏيون به شامل آهن. ذريعن ٻڌايو ته نيلام ٿيندڙ ۾ 16 ٽويوٽا ڪرولا، 3 سوزوڪي، هڪ هنڊا ۽ هڪ ايڇ ٽي وي گاڏي به شامل آهي. ذريعن موجب باقي گاڏيون ڪابينا ڊويزن جي ڪنٽرول ۾ آهن جيڪي پرڏيهي مهمانن جي استعمال لاءِ ٿينديون آهن. ذريعن ٻڌايو ته ماضي ۾ سارڪ ڪانفرنس ۽ ڊونر ڪانفرنس جي لاءِ ڳري رقم تي ڀاڙي تي به گاڏيون ورتيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے