18 اتوار , نومبر 2018

ايف آءِ اي کان پوءِ پي آءِ اي جو به پروٽوڪول ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کان پوءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن به مسافرن کي به پروٽوڪول نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي آءِ اي طرفان سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سمورا مسافر اسان جي لاءِ برابر اهميت تي ٻڌل آهن. قومي ايئر لائن جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ان حوالي سان هڪ تصوير به جاري ڪئي وئي آهي جنهن ” نو پروٽوڪول نو سيٽ بلاڪنگ“ جا لاءِ لفظ لکيل آهن. خيال رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت بڻجڻ بعد وزير اعظم عمران خان ملڪ مان وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪرڻ ۽ پروٽوڪول نه وٺڻ جو اعلان ڪيو هو.  ڪجهه ڏينهن اڳ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اميگريشن طرفان به جاري پڌرائي ۾ چيو ويو هو ته ايئرپورٽ تي ڪنهن به شخصيت کي پروٽوڪول نه ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے