19 پیر , نومبر 2018

آر ٽي ايس سسٽم جي ناڪامي، پي ٽي آءِ جو شفاف جاچ لاءِ نادرا چيئرمين کي هٽائڻ جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان ڪرپشن ۽ ڌانڌلي جي خلاف ويڙهه وڙهي، اسان اليڪشن ۾ شفافيت تي يقين رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ڌانڌلي بابت  پري ڪانفرنس ڪندي ڪيو. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته وزير اعظم چيو ته ڌانڌلي جا ثبوت کڻي اچيو، اسان ڪيمشن بڻائينداسين، دنيا جي ڪرڪيٽ ۾ نيوٽرل امپائر جو تصور عمران خان ڏنو هو. هن چيو ته نواز شريف جي وارثن جا هوائي خرچ اربين رپيا آهن، هيليڪاپٽر جي خرچ جي جاچ ڪئي آهي، حسن، حسين ۽ مريم نواز سرڪاري خرچ تي سفر ڪندا رهيا آهن. فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جي ٻارن هڪ ڪروڙ 70 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو، اڍائي ڪروڙ رپين جو بل نواز شريف ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ان موقعي تي وفاقي وزير اعظم سواتي چيو ته چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ثابت ڪندسن ته اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿي آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جي صفائي ناهيون ڏئي رهيا، البت رات 2 وڳي تائين 45 هزار 862 رزلٽ فارم ملي چڪا هئا. هن چيو ته هر پريذائيڊنگ آفيسر وٽ سندس موبائيل ۾ نتيجا موجود آهن، آر ٽي ايس سسٽم کي روڪڻ جي جاچ ٿيڻ گهرجي، شفاف جاچ جي لاءِ نادرا جي چيئرمين کي هٽايو وڃي. هن چيو اليڪشن ڪميشن ويب سائيٽ تي 45 فارم ڏسي ڇڏيو، کير جو کير پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ استعمال ٿيل آر ٽي ايس سسٽم جو ڪوڊ نادرا وٽ آهي، آر ٽي ايس سسٽم ڪنهن بند ڪيو آهي ته فرانزڪ آڊٽ ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے