17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: وزيراعظم ۽ نيب سربراهه جي گڏجاڻي تي پ پ کي شڪ آهي: سعيد غني

PTI suspects on meeting of Prime Minister Nawaz Sharif: Saeed Ghaniمڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي ته نيب چئيرمين کي وزير اعظم سان ملڻ نه گهرجي ها، عمران خان سوڌو  پي ٽي آءِ  جي کوڙ ماڻهن تي جاچ هلندڙ آهي.

ڪوٽڙي ۾ واٽر سپلاءِ سميت مختلف علائقن جو دوري ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته نيب چيئرمين جي وزيراعظم سان ملاقات بعد نيب ۾ هلندڙ جاچ متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي.

هن چيو ته هو نيب چيئرمين جي ملاقات کي بهتر نٿا سمجهن، نيب چئيرمين ۽ وزير اعظم ۾ ملاقات بعد پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز ۽  ايم اين ايز تي هلندڙ ڪيسن تي سندن ڪڙي نظر آهي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سئو ڏينهن واري  فارمولي ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آھي، هو مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌائي رهيا آهن.

سعيد غني چيو ته عمران خان کي ملڪ جي وزير اعظم جي حيثيت سان ۽ خاتون اول کي باني پاڪستان قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ گهرجي، ڪراچي جو عوام عمران خان کان مايوس آهي.

مختلف علائقن جي دوري دوران سعيد غني چيو ته هن چيو ته سموري سنڌ جي علائقن جو اوچتو دورا ڪري هر هڪ علائقن ۾ وڃي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا.

صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ سختي سان عوامي خدمت ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آھي، جنهن لاءِ  آفيس ۾ ويهڻ بدران سنڌ جا دورا ڪري رهيا آهيون، ڪوٽڙي ۾ صفائي سٿرائي لاءِ آفيسرن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ پاران گهوٽڪي ڪينال جو معائنو

ڏھرڪي ويجهو ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ گهوٽڪي ڪينال پهچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے