13 منگل , نومبر 2018

لاهور: جوهر ٽائون ۾ گهر مان هڪ ئي خاندان جي 4 ڄڻن جا لاش هٿ

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ هڪ گهر مان هڪ ئي خاندان جي 4 ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا. پوليس موجب جوهر ٽائون مان گهر مان مليل لاش زال، مڙس ۽ 2 ٻارن جا آهن. پوليس موجب زال مڙس جي سڃاڻپ رضوان بٽ ۽ سيمرا بٽ جي نالن سان ٿي آهي. ٻارن جي سڃاڻپ 8 سالن ارسل ۽ 6 سالن جي ابوبڪر جي نالن سان ٿي آهي. شروعاتي جاچ موجب گهر جي بالائي منزل تي رهائش پذير ڪرائي دارن گيس جي بوءِ محسوس ٿيڻ تي نيٺ اچي ڏٺو ته ڪمري ۾ چار لاش پيل آهن. پوليس موجب چار لاشن تي ڪنهن اوزار جا نشان موجود ناهن، ڪمري ۾ گيس واري استري مان گيس ليڪ ٿي رهي هئي ۽ ايئرڪنڊيشن به هلي رهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ موڪلي ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي، اصل حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ئي سامهون ايندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جوهر ٽائون  ۾ گهر مان 4 ڄڻن جا لاش ملڻ واري واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي واقعي ۾ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڊيو ليڪ ٿيڻ وارو معاملو: وزيراعظم، وڏي وزير، گورنر ۽ اسپيڪر کي طلب ڪري ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان پنجاب جي گورنر جي شڪايت بابت وڊيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے