17 ہفتہ , نومبر 2018

خدشن جي باوجود چاهيون ٿا ته پارليامينٽ پنهنجو ڪم ڪري: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ٻن سياسي پارٽين کان سواءِ سڀني کي اليڪشن تي خدشا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته خدشن جي باوجود اسان چاهيو ٿا ته پارليامينٽ پنهنجو ڪم ڪري. جماعت اسلامي جي امير چيو ته قوم جو آواز اسيمبلي ۾ اٿارڻ گهرجي، اهو ئي اصل پليٽ فارم آهي. هن پي ٽي آءِ جي واعدن جو حوالو ڏيندي چيو ته قوم سان هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو آهي، قوم سان اهو به واعدو ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف وٽ نه وينداسين، اسان اميد ٿا ڪيون ته اِهي واعدا پورا ٿيندا. هن چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سي اجلاس ۾ گستاخ خاڪن جو معاملو اٿاريو وڃي. سراج الحق چيو ته ان قسم جي دهشتگردي سان مسلمانن جا جذبا مجرورح ٿيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے